لکي لڳ لٻاڻو شاخ کي 30 فٽ گهارو، سوين ايڪڙ فصل پاڻي هيٺ

لکي غلام شاهھ (ن ع آ)لکي غلام شاھه لڳ بي ايس فيڊر مان نڪرندڙ لٻاڻو شاخ کي لکي حسن گيس فيلڊ ڀرسان 30 فوٽ گهارو پوڻ ڪري سوين ايڪڙن تي بيٺل ڪڻڪ جو فصل ۽ گيس فيلڊ جو ڪجھ حصو پاڻي هيٺ اچي ويو. ڳوٺاڻن پاران اطلاع باوجود آبپاشي عملو نه پهتو مٿان وهڪرو بند ڪرڻ جو جواز ڄاڻائي  گهارو بند ڪرڻ کان لاچاري ڏيکاري ويئي ڳوٺاڻن قلندر بخش چوهان  مشتاق احمد چوهان محمد علي  رسول بخش چوهاڻ ۽ ٻين دانهون ڪيون آھن ته ڪيترائي ڪلاڪ گذري وڃڻ باوجود آبپاشي عملي جا عملدار گهارو بند ڪرائڻ لاء نه پهتا آھن .لٻاڻي شاخ کي پيل گهاري سبب 200 ايڪڙ ڪڻڪ ۾ پاڻي هيٺ اچي وڃڻ ڪري اسان جو ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو آھي گهارو بند نه ٿيو ته وڌيڪ فصل پاڻي هيٺ اچي ويندا .هنن ڊي سي شڪارپور کان قدم کڻڻ جي گهرڪئي آھي.ٻئي طرف آخري اطلاعن تائين گهارو بند نٿي سگهيو آھي جڏھن ته ڳوٺاڻن پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪيل ڪوشش پڻ ناڪام ٿي ويئي آھي ڳوٺاڻن موجب بي ايس فيڊر مان بند ڪرڻ باوجود وهڪرو بند نٿي سگهيو آھي آبپاشي ۾ گيٽ ٽٽل هئڻ جو جواز ڄاڻائي جان ڇڏائي رهيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.