ڪنڌرا ۾ بدامني، ڏوهه روز جو معمول

سکر (رپورٽر) ڪنڌرا ۾ نئون ايس ايڇ او مقرر ٿيڻ کان پوءِ بدامني جو جن بوتل مان  ٻاهر نڪري آيو، ايس ايڇ او پنهنجي ڊيوٽي ڪرڻ بجاءِ واٺن کان ڪم وٺڻ لڳو چارج چورن ۽ ڦورن حوالي، هڪ رات ۾ وسيم ڌاريجو جي ڪيبن رضوان شيخ جي دڪان مان چوري، واهه ٻرڙا مان 6 دڪانن مان چوري، ڪنڌرا شھر مان 7 دڪانن مان تالا ٽوڙي چور چوري ڪري ويا. هوڏانهن داراواهڻ مان سولر پليٽون چور کڻي ويا هڪ دڪان جا تالا ٽوڙي چور چوري ڪري ويا درگاهه تارڪي طريل روڊ بيگماجي اسٽيشن روڊ دايا محلي مان ڦورن موٽرسائيڪلون ڦر ڪيون  اروڙ روڊ تان موٽر سائيڪل ڦر ٿيڻ کان پوءِ ڪنڌرا ۽ آس پاس جا رستا چورن ڦورن حوالي، ڪنڌرا پوليس گشت بجاءِ ٿاڻي ۾ آرام  ڪرڻ لڳي ٿاڻي تي ڪم ڪارلاءِ ايندڙ ماڻھن کي واٺا ڊيل ڪري رشوت وٺڻ لڳا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.