ڀرياسٽي ويجهو موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش، مزاحمت تي نوجوان قتل

ڀرياسٽي (ن ع آ) ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ حاجي داد بروهي واسي ڳوٺاڻو قربان ولد پيربخش بروهي ڀرياروڊ شهر کان ڳوٺ وڃي رهيو ته لهراڻي اسٽاپ  تي  ٽن کان مٿي  اڻڄاتل هٿيار بندن موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۔ هٿيارن بند  پاران مزاحمت دوران منهن ۾ سڌيون  گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا۔ ان سلسلي ۾ قتل ٿيل ڳوٺاڻي جي وارث ممتاز  بروهي ٻڌايو ته  قتل ٿيل قربان بروهي  ايڊوڪيٽ لياقت بروهي جو ڀاء آهي جيڪو  شهر کان ڳوٺ اچي رهيو ته هٿيار بندن موٽرسائيڪل ڦر جي ڪوشش ڪئي مزاحمت دوران هٿيارن بندن کيس سڌيون گوليون هڻي فرار ٿي ويا ۔ جڏهن ته واقعي واري هنڌ سوين ڳوٺاڻا پهچي ويا ۔ جڏهن ته ڀريا پوليس واقعي واري هنڌ کان لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاء اسپتال روانو ڪيو ويو۔ جڏهن ته واقعي جي خبر پوري علائقي باه جيان پکڙجي وئي۔جڏهن ته قتل ٿيل نوجوان قربان جو ڀاء وڪيل لياقت بروهي صدمي ۾ بيهوش ٿي ويو جنهن کي پڻ وارٽ ڀرياسٽي اسپتال کڻائي ويا۔ ان سلسلي ۾ ڀريا پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعي جو اطلاع مليو آهي نوجوان جو پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.