حيدرآباد ۾ نينگري جي پراسرار موت جي جاچ شروع

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ گذريل ڏينهن ٽڪ ٽاڪ ٺاهيندي اتفاقي گولي لڳڻ جي فوت ٿي ويل نينگري موت واري معاملي جي پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. حيدرآباد جي ٽئين نمبر تلاءُ واري علائقي ۾ مبينا طور ٽڪ ٽاڪ ٺاهيندي گولي لڳڻ سبب 15 ورهين جي طاهره عرف انعم سانگي فوت ٿي وئي هئي. هوء پنهنجي ننڍي ڀاء سجاد سان گڏ ٽڪ ٽاڪ ٺاهي رهي هئي ته اتفاقي گولي لڳڻ جي ڪري فوت ٿي وئي. ٻڌايو پيو وڃي ته پوليس ريوالور ۽ ان جو لائسنس به تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. ٽڪ ٽاڪ ٺاهيندي پراسرار نموني سان گولي لڳڻ جي ڪري طاهره عرف انعم سخت زخمي ٿي پئي هئي. جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو. جتي هو فوت ٿي وئي. ابتدائي طور وارثن لاش جو پوسٽ مارٽم به ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ پوليس کي به ان واقعي جي ڄاڻ نه ڏني وئي هئي. ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي معاملو ظاهر ٿيڻ کانپوءِ ڦليلي پوليس طاهره جي گهر پهتي جتان لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ڪرايو. ايس ايڇ او ڦليلي نثار شاهه جو چوڻ هو ته ابتدائي طور وارثن اهو موقف اختيار ڪيو آهي ته طاهره عرف انعم سانگي کي ٽڪ ٽاڪ ٺاهيندي ريوالور مان گولي لڳي ۽ اهو اتفاقي واقعو هو. پوليس موجب گولي لڳڻ سبب فوت ٿيل نينگري جي ٽيجهي کانپوءِ وڌيڪ معلومات وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.