ڪتاب ”انسان وڪامي ٿو!“ جو اڀياس

تحرير؛باغي حنيف کوسو

هي وشال ڌرتي جنهن تي جنمن کان اربين انسان جيڪي ايندا ۽ ويندا رهيا آهن. جن انسانن ۾ ڪروڙين خوبصورت انسان هئا، جن پنهنجي ملوڪ مهانڊن سان الئه ڪيترين اکين ۽ دلين تي بادشاهيون ڪيون. جن انسانن جي جنت نما محلن ۾ جنتن جهڙا حسين پل سجاڻا، ۽ وري انهن بتن مان جڏهن روح جو پکي اڏاميو ته اهي مڻين مٽي هيٺان دفن ٿي ويا. ۽ ها پوءِ جڏهن وقت گذريو ته ڪنهن کي به ياد نه رهيا نه سندن بخملي بدن ياد رهيا، نه سندن حسين نيڻن جون نهارون ياد رهيون. نه ئي اُهي پل ياد رهيا، جڏهن محبوبيت ۾ محو ٿي جنهن گهڙي ۾ ٻه نيڻن هڪٻئي ۾ اوتجي ڏٺو هو. سڀ درگذر جو اهو رهگذر ٿي ويا. جو ڪنهن ڪونه ڄاتو ته اُهي حسين مهانڊا ڪهڙن گلن جي حسين عڪسن جهڙا هئا. ڪنهن ڪونه ڄاتو ته محبتن جي حسين ڪائنات ۾ عارضي جداين تي انهن حسين اکڙين مان لڙڪ آبشارن جيان ڪيئن وٺا. اهو سڀ ائين ئي ويسر جو وکر ٿيو وڃي. وجود مري فنا ٿي وڃن ٿا. محلاتون زلزلن جي زد ۾ ڌرتي هيٺ دفن ٿيو وڃن، سمنڊ سڪيو وڃن، آسمان تان تارا ٽٽي به ڪرندا رهن ٿا. آدم به جنت مان بيدخل ٿي وڃي ٿو. زليخان به يوسف جو دامن ڦاڙي بي وس ٿي وڃي ٿي، طور سينا تي جنون محبت به پيغمبرن جا هوش وڃائي ڇڏين ٿا. پر الهامي چپڙن تي آيل الهامي سٽون فَبِاَىِّ اٰلَاۤءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ، وانگي جيڪي دائم آهن دائم رهن ٿيون ۽ دائم قائم رهنديون، بلڪ اهڙي طرح هر اهو احساس، هر اها سٽ هر اهو خيال دنيا جي اربين بادشاهين جي زوال کان پوءِ به زنده رهند ٿيون، جن ۾ الهامي خيال خدائي عرش مان خوشبو ٿي ماڻهن جي من ۾ لهن ٿا، هي احساسن جي ڪائنات جڏهن ماضي ڏانهن موٽ کائي ٿي، مصر جي بازار ۾ حسن يوسف تي دنيا جا واپاري ٻوليون پيا لڳائين. کوهه جي اونداهه مان نڪتل هڪ حسين وجود مصر جي بازار ۾ دنيا جي واپارين اڳيان واڪ ۾ بي وس وڪامجڻ لاءِ بيٺو آهي. جڏهن اڃان انساني شعور ۾ انسانيت جي تبليغ پنهنجا عروج نه ماڻيا هئا. جڏهن وقت جا حاڪم حسين وجود خريد ڪري پنهنجي خواهشن جي اڳيان غلام بنائي رکندا هئا. ۽ انسان وڪامندو هو. تڏهن کان وٺي هي وڪامجڻ وارو نه کٽندڙ سلسلو جيڪو هلندو ئي اچي پيو، ۽ انهن عروج زوال جي ڪائنات جي اسرارن کي پنهنجي حسين احساسن، پنهنجي روح پرور دل جي جذبن جي ٽمٽار نظرين مان نگاهه کڻي پنهنجي پاس ۾ ڏٺو. ته هن ٽکڙ جي زرخيز مٽي جي خوشبو هاڻي وجود جي ذهن ۽ چين ۾ ان اهو احساس چڻنگ ٿي لفظن جو روپ وٺي اٿيو.

ڪاغذ جي نوٽن تي ايمان وڪامي ٿو،

دنيا جي منڊي ۾ انسان وڪامي ٿو،

هٿ جسم وڪامن ٿا جذبات وڪامن ٿا،

مجبور جواني جو ارمان وڪامي ٿو.

هن دؤر جي وحشت ۾ واقع به ضمير وڪامن ٿا، انسان وڪامن ٿا، نظريا وڪامن ٿا، جسم وڪامن ٿا، اُهي حسين وجود جن جي معصوم جهلڪ لاءِ عاشق دليون پل پل سڙي خاڪ ٿين ٿيون، انهن وجودن جي هر هر ادا نوٽن جي کڙهکڙاهٽ تي ڪيئن وکري وڪامي ٿي ڪنهن کي خبر ڪونهي ڀلا، عدالتن ۾ معصوم انسانن جي انصاف لاءِ وقت جا جج ڪيئن خريدجن ٿا. آدرشن اصول ڪيئن وڪامن ٿا، انسانيت ڪيئن وڪامي ٿي، جوانيون ڪيئن وڪامن ٿيون، خدا گواهه آهي، آڪاش ٽکڙائي اسان جي هن بي سرائي واري سماج ۾ هڪ ماهر احساساتي ڊاڪٽر بنجي، معاشري جو بي سرائي وارو الٽرا سائونڊ لکين اکين جي اڳيان رکي ڇڏيو آهي، آڪاش ٽکڙائي جو هي ڪتاب انسان وڪامي ٿو. جڏهن مون ويهي پڙهڻ شروع ڪيو ته سندس هن ڪتاب جي هر هر پني تي احساساتي لفظن ۾ الڳ الڳ محبت، جدائي، درد ۽ وطن جي عشق جا اهي سهڻا اظهار آهن. جو جيئن ڪو ماڻهو گلن جي هڪ حسين باغ ۾ داخل ٿي هر طرف کان هڪ حسين گل پاڻ ڏانهن سڏ ڪري چون ته اچ منهنجي خوشبو ته ڏس. اڄ مون کي ته پرک ائين سندس حسين خيالن جا گل روح کي نگاهه کي سڏي پاڻ ڏانهن ڇڪين ٿا.

وڇوڙي جي گهڙي اڄ ڏينهن تائين ياد آ مون کي،

مون توکي آخري ڀيرو جو سيني سان لڳايو هو،

جڏهن تنهنجي اچڻ سان زندگي ۾ روشني آئي،

محبت ساز ڇيڙيو هو هوائن گيت ڳايو هو،

گهڻو اڳتي هلڻ کانپوءِ اهو احساس جاڳي پيو،

اسان جنهن کي چيو پنهنجو اهو ماڻهو پرايو هو.

آڪاش جي هن شاعري جي ڪتاب ۾ رنگين خوابن معصوم خواهشن ميلاپ وڇوڙي، لڙڪ، همتون آڻڻ جو هڪ اهڙو حسين سنگم آهي. جو سچ هر هر پني پويان هڪ حسين تخليق انڊلٺ جهڙا حسين روپ وٺي، بيٺي آهي. جو دل جي بنجر زمين انهي رنگن جي حسناڪي ۾ ائين سرسبز ٿيڻ لاءِ آتي آهي. جيئن وسڪاري جي مند ۾ ڪنهن ڀٽ ڀرسان ڪنهن ڪنڊي جي سڪل ٿڙ تي ڪي گلن گجرن جو وليون نيرا گل ڪڍي ان کي سينگارينديون آهن. شاعر جڏهن ڪجهه لکڻ ويهندو آهي ته حقيقي شاعر جي ذهن ۾ لفظن جون احساسي لڙيون الهام بنجي لهنديون آهن، جن ۾ خبر ڇاپا الهامي هوندو آهي. تڏهن ئي ته شاعرن لاءِ قدرت به چيو آهي ته اسان ڌرتي ۽ سمنڊ خزانا لڪائي رکيا آهن، انهي جون چاٻيون شاعرن جون زبانون آهن، هن معاشري ۾ جتي پيءَ نياڻي سان زنا ڪندو هجي جتي زندهه انسان ساڙيا وڃن جتي پي جوان پٽ کي هٿ سان ماري وهندڙ واهه ۾ اُڇلي هڪ اهڙي ناسور معاشري ۾ آڪاش جي سٽن ۾ الهام ڪونهي آڪاش ٽکڙائي جو هي نظم

اچي مفهوم سمجهايو،

دعا جو هڪ دفعو مون کي،

آڪاش هن نظم ۾ ڪيڏا نه ڀرپور خيال ۽ کلي دل سان دردن جا اظهار ڪيا آهن، دنيا خبر ڪٿي بيهندي، وبائون خبر ڇاڇا ڪري دنيا کي ڪٿي بهارينديون، اسان مان سڀاڻي ڪير ڪٿي هوندو. ڪير هن ڌرتي تي ئي ڪونه هوندو پر هي لفظن جي ڪائنات جا حسين روپ هر ايندڙ نسل جي اندر زنده هوندا، جن ۾ هر شاعر پنهنجي دل ۽ جذبن جي ڪائنات سجائي ٿو. مون جڏهن آڪاش ٽکڙائي جي ڪتاب کي پڙهڻ شروع ڪيو، جن احساسن جي شاعري جي رنگن ۾ روح کي ڇهندڙ خيالن مون کي موهيو ڇو نه اوهان جي اکين ۽ دلين کي انهي احساسن جي بارشن ساڀيان جون اوهان جي من جا رنگ به بارش پڄاڻان وڻن جي پنن جيان ڌوپجي وڃن ٿا.

ڀلا ڪير چوندو ته هي خيال هي جذبا هي احساس اهي ڀلا فنا ٿيڻا آهن، اهي خيال احساس ته هر نئين روح جي لاءِ هڪ نئين وڳي جيئن هوندا. جن جي حسناڪي هر دور جون اکيون ڏسنديون رهنديون آهيون. توڙي جو آڪاش ٽکڙائي جيڪو پنهنجي هر لمحي مصروف رهندڙ ڊيوٽي ۾ مصروف رهي ٿو. پر اها غم زمانا، ذريعه معاش هن جي احساسن تي ڪا ميراڻ آڻي ناهي سگهي. شاعري جي زمين تي هيل تائين ڪيترائي احساساتي گل ٽڙيا ۽ وري پنهنجي موسم تائين رهي وري مرجاهجي ويا، پر آڪاش ٽکڙائي جي اندر جو شاعر مسلسل اکيون کولي پنهنجي معاشري جي آس پاس تي نظر رکي ويٺو آهي. هن جي اکين آڏو جيڪي به درد آيا آهن. انهن کي لفظن جي روپ ۾ سهيڙي هزارين اکين ۽ احساساتي دلين تائين پهچايا اٿس.

هر عروج محبت ۾ عاشق اکيون جڏهن جدائي جي واٽ تي لڙڪ ٿي وکرنديون آهن. تڏهن انهن اکين مان جدائي جا لڙڪ ڪرڻ، آهه زاري ڪرڻ هر محبت ڪندڙ وجود مٿان هڪ نصيب تي اچي لهندا آهن. اهڙي ڪيفيت جنهن ۾ عاشق اکيون صبح کان روئيندي روئيندي محبوب لاءِ شام ڪري ڇڏين، اُتي آڪاش ٽکڙائي جون سٽون ڪيئن آٿت بڻجي انهن زخمي دلين لاءِ مرهم ٿين ٿيون.

ڪنهن لاءِ روئي شام نه ڪر،

عشق ائين بدنام نه ڪر،

وڇڙڻ وارو وڇڙي ويو آ،

وڇڙڻ تي ماتام نه ڪر،

آڪاش ٽکڙائي جيڪو وکر سهيڙي سماج کي ڏنو آهي، اهو ڪو هڪ ڏينهن هڪ مهيني هڪ سال وارو وکر ناهي، پر سندس هي شاعري زمانن جا سڏ رهندي موجوده دؤر ۽ ايندڙ دؤر ۾ پنهنجو رنگ ڄمائي رکندي هوئين به شاعري هئڻ اهڙي گهر جي جو هر دؤر هر زمانو ان کي پنهنجي دل جا جذبا سمجهي قبول ڪري. آڪاش جيڪو به لکيو آهي، جيترو به لکيو آهي، انهي مان ڪابه اهڙي غير معياري سٽ يا غزل نظم ناهي لکيو. جنهن کي ڪو ساڃاهه وند رد ڪري، يا ڪا اهڙي راءِ ڏي، ۽ مون کي پڪ آهي ته آڪاش جي لکڻ جو هي تسلسل رڳو اتي دنگ نه ڪندو پر آڪاش ٽکڙائي هر ٿوري ساهي کان پوءِ پنهنجي پڙهندڙن کي گيتن غزلن نظمن جا هي پيار ڀريا تحفا ڏيندو رهندو.

۽ سندس قلم جنهن جي مَس انهن سماج جي مظلوم انسانن لاءِ روشني جي واٽ ٿيندي رهندي جنهن سماج ۾ واقعي انسان جي ڪا مڃڻ کان وٺي مارجڻ تائين رڳو درد جي دوزخ مان گذرندو رهي پيو. هي دنيا سڀاني خبر ڪٿي هوندي، اسين سڀ جيڪي اڄ موجود آهيون اهي خبر ڪٿي هونداسين، پر هن ڌرتي تي جيستائين هڪ پساهه کڻندڙ وجود رهندو. تيستائين هي شاعري هي احساس هي جذبا هي آٿتون هي پيار ڀري شاعري جي گونجار سلامت رهندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.