29 جنوريءَ ڇا ڏنو ڇا ورتو؟

تحرير؛فقير محمدسنڌي

¨

¨ 29جنوري 661ع خليفه المسلمين، امير المومنين علي ابن ابي طالب  جي شهادت کان پوءِ، حضرت امام حسن عليه السلام کي جانشين مقرر ڪيو ويو.

¨ 29 جنوري 1820ع تي برطانيه جي شاهه جارج (ٽئين) جو وڇوڙو ٿيو.

¨  29جنوري 1861ع تي ڪنساس آمريڪا جي 34هين رياست بڻجي وئي.

¨ 29جنوري 1860ع تي روسي ڊراما نويس ۽ ناول نگار انتون چيخوف، جنم ورتو.

¨ 29 جنوري 1866ع تي فرانسيسي مورخ، ليکڪ ۽ ڊراما نگار رومن رولينڊ، جو جنم ڏينهن آهي.

¨ 29 جنوري 1882ع تي ابراهيم لنڪن جو جنم ڏينھن آهي.

¨ 29 جنوري 1919ع تي جديد ادب جو شاعر ۽ اديب عبدالرزاق ”راز“ ولد منشي عبدالرؤف شيخ پراڻي سکر ۾ جنم ورتو.

¨ 29 جنوري 1926ع تي نوبل انعام يافته سائنسدان عبدالسلام جو جنم ساهيوال- پاڪستان ۾ٿيو.

¨ 29 جنوري 1929ع تي شاعر ڪمل ميوارام ڪيولراماڻي پياسي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو.

¨ 29جنوري1949ع تي برطانيه، بيلجيم، هالينڊ ۽ سوئٽزرلينڊ اسرائيل کي تسليم ڪيو.

¨  29 جنوري 1950ع تي ناميارو محقق، شاعر ۽ نقاد جوهر بروهي اصل نالو عبدالقيوم بروهي ٿريچاڻي تعلقي پني عاقل، ضلعي سکر ۾ جنم ورتو.

¨ 29 جنوري 1954ع تي آمريڪي ٽاڪ شو ميزبان، اداڪار ۽ پروڊيوسر اوپرا ونفري، جو جنم ڏينهن آهي.

¨  29 جنوري 1969ع تي سياستدان نصرت سحر عباسي جو جنم ڏينھن آهي.

¨ 29 جنوري 1975ع تي شاعر پير زين العابدين شاهه ”زينل“ جو لاڏاڻو ٿيو.

¨ 29جنوري 1975ع تي آمريڪي اداڪار پروڊيوسر ۽ ٽاڪ شو ميزبان سارا گلبرٽ، جو جنم ڏينهن آهي.

¨ 29جنوري 2002ع تي آمريڪي صدر بش،خطاب دوران ايران، عراق ۽ اتر ڪوريا کي دهشتگرديءَ جي  ٽاپ لسٽ ۾ شامل ڪيو.

¨ 29 جنوري 2018ع تي لاڙڪاڻي جو سينئر صحافي عاشق علي سمون لاڏاڻو ڪيو، سندس آخري آرامگاهه ابوبڪر قبرستان ۾ اٿس

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.