سنڌ جي ماتحت عدالتن ۾ ڪاپيئسٽن جي لاءِ پگھار مقرر ڪئي وڃي .

چئُه! جو توکي چوڻو آ......

 

ھاءِ ڪورٽ آف سنڌ جي چيف جسٽس کي گذارش آھي ته سنڌ صوبي جي ماتحت عدالتن ۾ ڏھاڙي تي ڪم ڪندڙ ڪاپيئسٽن جي لاءِ پگھار مقرر ڪئي وڃي۔

عدالتن ۾ ريگيولر ڊيوٽي ڪري پنھنجو وقت ۽ توانائي وقف ڪندڙ تعليم يافته ۽ ڪمپيوٽر ۾ مھارت رکندڙ  نوجوانن سان انصاف ڪيو وڃي۔

سنڌ صوبي جي ماتحت عدالتن ۾ ڪاپيئسٽ جي پوسٽ کان علاوه ٻيون سڀ پوسٽون ريگيولر ۽ بنيادي اسڪيل مطابق آھن ۔ واٽر مين ، بڪ بائينڊر ، مالھي ، بيلف ، چوڪيدار ۽ نائب قاصد سرڪاري پگھار تي مقرر ٿيل آھن ۔ جيئن ته سرڪٽ ڪورٽ ، اي ۔ ٽي ۔ سي ۽ ھاءِ ڪورٽ سميت ماتحت عدالتن ۾ ڪاپئيسٽن جو ڪم ۽ ذميواري تمام گھڻي آھي ۔ .

ڪاپيئسٽ ڪاغذن جون نقل ڪاپيون تيار ڪري ڏيڻ سان گڏ ڪلارڪ ، رڪارڊ ڪيپر ، ڪمپيوٽر آپريٽر ۽ پروف ريڊر جو ڪم به ڪري رھيا آھن ۔ ان جي باوجود به نوجوان ڪاپيئسٽن جو مستقبل داءَ تي لڳل آھي ۔ قانون کاتي ۾ سندن جي لاءِ ڪابه ڪوٽا مقرر ٿيل نه آھي ۔ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان سنڌ ھاءِ ڪورٽ سميت ماتحت عدالتن جا ڪاپئيسٽ بنا پگھار جي ڊيوٽي ڪري رھيا آھن ۔ جيئن ته پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ ڪاپئيسٽ 7 کان 11 اسڪيل ۾ ڀرتي ٿيل آھن ۔

سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي گذارش آھي ته سنڌ صوبي جي ماتحت عدالتن ۾ ڏھاڙي تي ڪم ڪندڙ ڪاپيئسٽن کي ريگيولر ڪري مناسب پگھار مقرر ڪئي وڃي ۔

 نويد خان سومرو

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.