سگا جو جاکوڙي ڪردار نذير احمد ڀنڊ جون ساروڻيون 

تحرير؛محمد خالد ميمڻ

سائين نذير احمد ڀنڊ هڪ مڻيادار ماڻھو هيو حق سچ جو ساٿاري، هڪ بهترين سماجي سياسي ورڪر هيو ڀلي ڪو خان خان جو پٽ هجي پر ان کي منهن تي حق سچ جي ڳالھه سان به اخلاق جي دائري اندر رهي ڪري چئي ڏيندو هيو. اسان جي سگا شاخ ڦل لاءِ سائين هميشھ اهو چوندو هيو ته سگا ڦل شاخ منهنجي پنهنجي شاخ آھي ۽ اسان جي سماجي تربيت به سائين وقت به وقت ڪندو رهندو هيو، سگا مرڪز طرفان ڪنهن به هلندڙ پراجيڪٽ ۾ سگا شاخ کي ضرور شامل ڪرائيندو هيو جنهن جو مثال ڳوٺن جي نياڻين جي پهرئين کان پنجين درجي تائين ڪميونٽي اسڪول هلائڻ واري پراجيڪٽ ۾ اسان جي شاخ ڦل طرفان اهڙا 5 اسڪول هلائڻ پڻ هيو.

اچو ته سائين جي زندگي تي مختصر نظر وجهون مرحوم نذير احمد ڀنڊ خداآباد لڳ ڳوٺ بلاول خان ڀنڊ ريلوي اسٽيشن تي 26 جولاءِ 1947 ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪيائين جڏهن ته مئٽرڪ پاٽ هاءِ  اسڪول مان 1965 ۾ حاصل ڪيائين انٽر دادو ڪاليج مان ۽ بي اي سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين دادو ڪاليج ۾ پڙھڻ دوران سواري نه هجڻ سبب ڪڏهن پنڌ ته ڪڏهن سائيڪل تي خداآباد مان دادو وڃي تعليم پرائيندو هيو. شاگردي واري زماني کان ئي ٻين جي مدد ڪرڻ وارن ڪمن ۾ اڳرو رهندو هيو. پاڻ پهريائين ئي ڪوڏي ڪوڏي راند جو بهترين رانديگر هيو ان بعد والي بال راند به کيڏڻ شروع ڪيائين جنهن جا خداآباد ۾ ڪيترائي ٽورنامينٽ ڪرايائين. سياسي ورڪر طور پيپلز پارٽي ٺھڻ وقت تمام گهڻو سرگرم ڪارڪن رهيو سندس مامو پيپلز پارٽي جو صدر هيو ان وقت پاڻ پيپلز سيڪريٽريٽ ڪراچي ۾ آفيس سيڪريٽري طور ڪم ڪيائين علائقي جي مسئلن تي حڪمرانن جو ڌيان ڇڪرائي ترقياتي ڪم ۽ نوجوانن کي روزگار پڻ وٺي ڏنائين.

سن 1991 ۾ سگا برانچ خداآباد جو بنياد وڌائين جنهن جو پهريون صدر ٿيو. پاڻ سگا سرواڻ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ۽ ٻين سنڌ واسين جو ساٿ وٺي تعليم ۽ صحت جي ميدان ۾ ڪم شروع ڪيائين تعليم جي ميدان ۾ نذير احمد ڀنڊ خداآباد جي گرلس پرائمري اسڪول کي هاءِ  اسڪول طور ترقي ڏياري ۽ بوائز مڊل اسڪول کي هائير اسڪول ڪرايو صحت جي شعبي ۾ ٽي وي او جي سهڪار سان سگا کي 1992 ۾ ماءُ ٻار صحت مرڪز مليا اهو مرڪز خداآباد ۾ پڻ جوڙايائين. هن وقت خداآباد ماءُ ٻار صحت مرڪز 24 ڪلاڪ سروس مهيا ڪري رهيو آھي جنهن ۾ هن وقت مفت ڊليوري ۽ او پي ڊي هلائي وڃي ٿي نذير احمد ڀنڊ خداآباد ۾ پوسٽ آفيس وٽنري سينٽر ايگريڪلچر آفيس يونين ڪائونسل آفيس قائم ڪرائي علائقي واسين کي سهولتون مهيا ڪيون. پاڻ سگا مرڪز ۾ سيڪريٽري تعليم ۽ ڊپٽي سيڪريٽري جنرل پڻ رهيو سيڪريٽري تعليم طور سنڌ ۾ نياڻين جي لاءِ ڪميونٽي اسڪول قائم ڪرائي نياڻين جي تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ وڌ کان وڌ ڪوششون ڪيائين، خداآباد ۾ اکين جي مفت ڪئمپ لڳرائڻ جو بڻياد 2004 ۾ وڌائين جيڪا هر سال لڳي ٿي، چمڙي جون ڪئمپون پڻ لڳرايائين جن جو تعداد 17 آھي.

مون کي چڱي طرح ياد آھي ته 2015 هالا شھر ۾ سگا مرڪز جي اليڪشن جنهن ۾ اسان جو پروفيسر بخش علي چانڊيو ميمبر سي اي سي جي اليڪشن ۾ حصو ورتو هيو ته ان اليڪشن دوران سائين اتي مليو هيو ۽ اليڪشن هلندي دوران پاڻ واپس ڳوٺ پئي ويو ته اسان کيس اسٽاپ تي ڇڏڻ وياسين ته رستي تي چيو هئائين ته سگا ۾ منافقت تمام گهڻي وڌي وئي آھي هرهڪ سياستدان بڻجي ويو آھي. جڏهن ته اڳ ۾ ائين نه هوندو هيو اوهان جي اميدوار جي لاءِ مون گهڻن دوستن کي ووٽ جي لاءِ چيو آهي پر اميد گهٽ آھي ۽ هن چيو هيو ته مون کي منافقت ۽ سماجي ڪمن ۾ سياسي نمونا اصل نه وڻندا آھن انڪري مون کي هتي مزو نه پيو اچي مان واپس ڳوٺ پيو وڃان.

سائين نذيراحمد ڀنڊ هڪ لبرل قسم جو انسان هيو کيس مذهبي انتهاپسندي کان پڻ سخت نفرت هوندي هئي پاڻ علم جو ڀنڊار هيو هڪ سچو سماجي ڪارڪن ۽ اڳواڻ هيو اسان سگا شاخ ڦل طرفان ڪرايل  ڪوبه پروگرام مس نه ڪندو هيو ۽ ڪيترائي دفعا سگا جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل پروفيسر مظھرالدين ميمڻ ۽ مورو جي ھڪ عظيم شخصيت عظيم سنڌي سان گڏ ڦل شھر آيا ۽ راتيون پڻ رهيا سندس جو اسان سگا شاخ ڦل جي دوستن کي ڏنل محبتون ڪڏهن به نه ٿا وساري سگهون ۽ ان ڪري ئي جڏهن به سيوهڻ وڃڻ ٿيندو آھي ته رستي تي خداآباد شھر جي اسٽاپ ڀرسان سندس آخري آرامگاه تي وڃي سندس جي لاءِ دعا ضرور گهرندا آھيون.

پاڻ 28 جنوري 2017 تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري اسان کان جسماني طور وڇڙي ويو سائين نذير احمد ڀنڊ جون ڪيل خدمتون هميشھ ياد رهنديون.

محمد خالد ميمڻ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.