پارڪر جي تاريخ جو هيرو شھيد روپلو ڪولهي

تحرير؛ ڪامريڊ جبار هاليپوٽو 

اونچو ڌورو ڪنڀاري رو، هينئون نه ڀري هام

ڪري مارو رام، تو ڪام نه پڙي ڪنڀاري ۾

مٿين بيت ۾ ڳوٺ ڪنڀاريءَ جو ذڪر ٿيل آھي. هي ڳوٺ نگرپارڪر شھر کان اتر طرف پنڌرنهن ميلن جي مفاصلي تي آھي جيڪو واري جي هڪ تمام مٿاهين ڀٽ تي اڏيل آھي ،۽  پاڻيءَ جو کوهه هن اتاهين ڀٽ جي هنج ۾ آ. سو هن بيت جو مطلب به اهو آھي ته پارڪريا ان ڳوٺ ۾ نياڻيءَ جو سڱ ڏيڻ کان لنوائيندا آھن ڇاڪاڻ پاڻي ڀري مٿي ڀٽ طرف چڙھڻو ٿو پوي .

ڳوٺ ڪنڀاريءَ جو ذڪر مون ان لاءِ ڪيو ڇاڪاڻ ته اهو پارڪر جي تاريخ جي هيري شھيد روپلو ڪولهيءَ جو ڳوٺ آ روپلي ڪولهي سامت ۽ ڪيسر ٻائيءَ جي گهر ۾ اک کولي جيڪو صفا غريب خاندان هو ،هن خاندان جو ذڪر هڪ بيت ۾ پڻ موجود آھي

ساماتاڻي سمت ونڪر سوراڻي سورو

جواب ديڌو گوهيل روپلي هتو تر واري پورو

بهرحال ساٿيو روپلي ڪولهي ننڍي هوندي کان ئي ڳوٺاڻي ۽ مسڪينيءَ واريءَ زندگي سبب مال چاريو ۽ جفاڪشي ڪئي جهنگ ۾ وڃڻ شڪار ڪرڻ ۽ تلوار (ڪاتر) جو فن ننڍي هوندي کان ئي سندس حصي ۾ آيو ۽ ھي جوڌو جوان اهڙي جابلو ماحول ۾ پاڻ کي چست ۽ سگهارو بڻائيندي ڦوهه جوانيءَ تي پهتو .تن ڏينهن ۾ پارڪر تي سوڍن جي حڪومت هوندي هئي جيڪا تقريبن چار سئو سالن کان هئي

جڏهن انگريز غدار ۽ مڪار ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ذريعي برصغير تي حاوي ٿي ويو ته هن لٽيري ۽ گوري مختلف رياستن کي فتح ڪرڻ کانپوءِ پارڪر ڏانهن پڻ رخ ڪيو .

ان وقت راڻا خاندان جو حڪمران راڻو ڪانجي هو جنهن پنهنجي بهادري ۽ دليريءَ سبب حڪومت کي مضبوط ڪيو پر هن جي موت کان پوءِ سندس پٽ رتن سنگهه رياست جي واڳ سنڀالي .راڻو رتن سنگهه ڪچي ذھينيت ۽ جوانيءَ سبب عياشيءَ ۾ مست رهيو جنهن سبب حڪومت ڪمزور ٿيندي وئي ، بهرحال راڻي رتن سنگه جو هڪ وزير جڳو جي هيو جيڪو وڏو غدار هيو هن  چاهيو پئي ته راڻي کي مارائي ۽ تخت تي قبضو ڪجي سو همراه ڪنهن بهاني ڪامياب ٿي ويو سو تخت تي قبضو ڪري نئين حڪومت جو اعلان ڪيائين

ان وقت انگريز سرڪار طرفان جنرل تروٽ کي هتي مقرر ڪيو ويو هيو جنهن هتي امن قائم ڪرڻ لاءِ عوام کي چٿيو ۽ سزائون ڏنائين ان سان گڏ لالچون پڻ ڏنيون ويون.

پوءِ جڏهن انگريزن جو حملو ٿيو ته جڳو جي ڀڄي جان ڇڏائي پر انگريز ان کي گرفتار ڪري وٺي آيا

راڻي جي سئوٽ ڪرن سنگهه حڪومت جي واڳ سنڀالي ۽ وڏي ذھانت وارو ماڻھو هو سو سوچيائين ته انگريزن سان هن وقت جنگ ڪرڻ مسئلي جو حل ناهي سو جنگ نه ڪيائين پر عوام ۾ دل ۾ غدار گورن لاءِ نفرت جي باهه ڀڙڪندي رهي آخرڪار اها باهه بغاوت جو روپ ڌاري اٿي ۽ انگريزن جي آفيسن ٿاڻن ۽ مواصلاتي نظام کي تباهه  ڪيو ويو سو انگريزن عوام جي بغاوت کي چٿڻ لاءِ ڪرنل ايونس جي اڳواڻي ۾ هڪ وڏو لشڪر موڪليو .ان لشڪر جو ساٿ ڏيندي پارڪر جا تمام گهڻا ماڻھو غداري ڪري غدار گورن سان گڏجي ويا سو جنگ شروع ٿي ۽ انگريز سامراج وڌيڪ هٿيارن سبب  جنگ کٽي ويو ۽ راڻو ڪرڻجي گرفتار ڪيو ويو . اها خبر جڏهن ويراواهه جي راڻي اڌيسنگه کي پئي ته  روپلي ڪولهيءَ ۽ ڪولهين جي پنج هزار فوج ساڻ ڪريبدلو وٺڻ لاءِ انگريزن تي ڪاهي آيو ۽ جيل تي حملو ڪري سڀ قيدي آزاد ڪيائين ۽ گهڻا گورا ته موت جي گهاٽ پيا پر ڪجه وري ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا انهن ۾ جنرل تروٽ به هيو جنهن کي ڀوڏيسر جي هڪ ميگهواڙ پناه ڏيندي جانورن جي کلن  سان ڍڪي ڇڏيو ان ميگهواڙ ذات جي ھمراه بعد ۾ جنرل تروٽ وڏي جاگير ڏني ۽ جانورن جو کلون هر سال مفت ۾ ملنديون رهيون۔

نيٺ انگريزن جي مسلسل تڪليفن ۽ سزائن سبب راڻو اڌيسنگه ۽ شھيد روپلو ڪولهي جبل ڏانهن وڃي لڪي ويا ۽ اتان کان لڪي ڇپي اوچتا حملا ڪرڻ لڳا جنرل تروٽ گهڻو ئي ڳولها ڪئي پر ڪامياب نه ٿيو نيٺ سوچي روپلي جي ويجهن ساٿين کي لالچون ڏنائين ته ڳولها ڪري ڏيو پوءِ اهڙي نموني روپلي کي پڪڙڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو .

جڏهن روپلي کي جنرل تروٽ جي اڳيان پيش ڪيو ويو ته پڇيائين راڻو اڌيسنگهه ڪٿي آ تڏهن روپلي بلڪل جواب ڏنو ته مونکي خبر ئي ڪانهي آخرڪار لالچون ڏنيون ويون ته روپلا توکي وڏي جاگير ٿا ڏيون رڳو سچي ڪر پر هن باشندي جوڌي جوان نابري واري. پوءِ جنرل تروٽ مجبور ٿي روپلي جي زال کي گهرايو ته من راضي ڪريس .

جڏهن روپلي جي زال کي تروٽ سامهون آندو ويو  تڏهن تروٽ لالچون ڏيندي چيائين ته روپلي کي راضي ڪر ،

روپلي جي زال ورايس ته ته مونکي روپلي سان ملڻ ته ڏيو پوءِ جڏهن اڪيلائيءَ ۾ ملاقات ڪرائي وئي ته روپلي کي چيائين اي روپلا هزارين ڪولهي بي درديءَ سان ماريا ويا آھن تون ڪڏهن به آڻ نه مڃجان نه پارڪر جو ڪولهياڻيون مونکي ميار ڏينديون ته روپلو به لالچي نڪتو پوءِ نرڙ تي چمي ڏني ۽ رواني ٿي وئي ۽ آخرڪار جڏهن روپلي نه مڃيو ته جنرل تروت شھر مان تيل ۽ ڪپه گهرائي هٿن تي باه ڏني وئي پر پوءِ راڻي ۽ سندس فوج جي سچي نه ڪيائين سو انگريزن غداريءَ جو ڪيس هلائي ڦاسيءَ تي لٽڪايو.

ڪارونجهر ني ڪور،مرئين توئي ميليئين ننهي

ٻيجي اپرم پار پڻ ڪاراڻا ٿين سم ايک ئي ننهي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.