لساني سياست جا بيڪار مفاد 

تحرير؛رياض ابڙو 

معاشي جنگيون هاڻي اصل جنگيون آهن ۽ هونديون، ان ڪري ته توپون، تلوارون، نيزا، ڀالا هلائي هاٿيون ۽ گھوڙا ڀڄائي ڊوڙائي به ملڪ کٽي نه ٿا سگهجن تيئن سياسي دوڪان ان طريقي سان چمڪائي به نه ٿا سگهجن، ساڳي جاءِ تي صوبائي، قومي، مذهبي يا لساني سياسي وهڪرا يا پائيدار هٿڪنڊا وري ڪي ٻيا هجن ٿا، پر اسان وٽ خاص ڪراچيءَ ۾ شهري سياست شديد لسانيت جو شڪار ضرور ٿيندي ٿي وڃي يا ٿيندي ٿي رهي آهي.

هاڻي به ايم ڪيو ايم جي سڀني ڌڙن کي لسانيت ۾ پوئتي ڇڏي ڏينديون جنهن ۾ آفاق جو ڌڙو، فاروق ستار جو ڌڙو، مصطفيٰ ڪمال جو ڌڙو، لنڊن واري جو ڌڙو (وري عامر خان، خالد مقبول ۽ خواجا اظهارالحق ته ٺهن ئي نه ٿا، انهن جي وچ ۾ اهو وڏو جھيڙو آ ته آخر پارٽي جو وڏو ڪير آ يا هوندو) يا فاروق ستار سميت انهن سڀني غير مهاجرن کي پاسي تي ڪري هنن نج مهاجر (بهاري) مٿي آندا آهن جيڪي ايم ڪيو ايم جي ٽوڙ ڦوڙ جي ڪري ڄمي پيون آهن، پر اهي هڪ پيج تي ناهن ۽ چاهن ٿيون ته اهي هڪٻئي کي پوئتي ڇڏي ڏين، يا جماعت اسلامي وارا چاهن ٿا ته اهي نفرتن جا نعرا هڻي هاڻي پنهنجو ميئر يا چيئرمين آڻي سگهن، ته جيئن سڄي شهر جون سڀ بجيٽون جيڪي ميونسپل پارٽيءَ جي نالي اچن ٿيون، جن مان شهري ميونسپالٽيءَ جو گذارو ٿئي ٿو، جنهن ۾ سڀئي تفريحي پارڪ سميت جيئن گارڊن زُو، سفاري پارڪ، الادين پارڪ، سندباد يا ٻيا سنها ٿلها پارڪ ۽ ساحلي پٽي، ڪلفٽن جا تفريحي مقام، پاڻيءَ، صفائي، سيوريج، لوڪل ٽيڪس، پارڪنگ چارجز، صوبائي سرڪار جون ڪروڙين روپين جون ماهوار مڪاني ادارن جون بجيٽون، جيڪي ويھن لکن کان پنجاهه لکن تائين هر ننڍي کان وڏي ميونسپل ڪاميٽيءَ وٽ ماهوار اهڙي طريقي اچن ٿيون، يا هنن لساني گروهن جو وڏو مٿي جو سور اهو به آهي ته خان جي وفاقي اسڪيمن تحت جنهن ۾ ڪلڪ ۽ سويپ اسڪيمن ۾ رٽايرڊ فوجي مڪاني ادارن ۾ اچي ويٺا آهن جن جي هٿن ۾ وري اهي سڀ بجيٽون اچن ۽ خرچ ٿين ٿيون ۽ ان صورت انهن ۾ خردبرد نه ٿي سگهي ان ڪري اهي لساني گروهن جا بيروزگار سياستدان اهو چاهن ٿا ته اهي وري برسرِ روزگار ٿين ۽ انهن اهڙين بجيٽن سان پنهنجا کيسا ڀرن، ان ڪري جو ڪنهن دور ۾ رمضان جي باربرڪت مهينن ۾ اهي ٽولا هندن کان به فطرو وصول ڪندا هيا ۽ حج واري عيد تي کلن جا اگھه آسمان تي چاڙهي اهي کلون عام قرباني ڪندڙن کان وصول ڪندا هيا ۽ ماڻهو پنهنجي کل لڪائڻ ۽ بچائڻ جي لاءَ اهي ثواب انهن جي جھوليءَ ۾ وجھي پاسڙي تي ٿي ويندا هيا ۽ ڪلمو ڀري شڪر به ڪندا هيا، پر هاڻي اهي سڀ روزگار جا وسيلا ۽ در دروازا بند ٿيڻ جي صورت ۾ هنن کي ٻيو ڪجهھ سمجھه ۾ نه آيو ته هاڻي ڇا ڪجي پر اهو ضرور سمجھه ۾ آين ته سنڌين کي گھٽ وڌ ڳالهائي ۽ مهاجر ووٽ وري واپس وٺجي، پر ڀاڱن ۾ ورهايل لساني گروھ اهو طئي نه ڪري سگهيا آهن ته آخر ميئر جا حق ڪنهن کي ملن يا هي سڀاڻي ڪنهن هڪ تي بيهي به سگهندا يا نه، يا اسٽبلشمينٽ وٽ ۽ ايجنسين وٽ اهي ٽولا رڳو هڪ ڪيش پيڪٽ ۽ ڊيل جو خرچ آهن.

ڪراچيءَ جا اصل ادارا جنهن جو هي ماتم ٿا ڪن انهن ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول، واٽر ۽ سيوريج بورڊ، ميونسپالٽيءَ جا ادارا وغيره وغيره جن جي مدد سان هنن 2000 ۾ چائينا ڪٽنگ ايجاد ڪري ورتي هئي ۽ نسلا ٽاور جهڙا اڻ ڳڻيا ٽاور، وڏيون وڏيون بلڊنگيون، شادي هال، جن ۾ هنن پارڪن جي جاءِ تي بلڊنگيون ۽ نالن کي ڍڪي پنهنجي پارٽيءَ جي شهزادن کي دوڪان ۽ گهر به ٺاهڻ ڏنا هيا پر هاڻي سپريم ڪورٽ ۽ ايف اي ٽي ايف جي نشاندهيءَ تي رڳو 90 بلنڊگيون شاهراھ فيصل جي اردگرد ظاهر ڪري ورتيون اٿن يا اهي ته ڳڻپ کان چڙهيل آهن جيڪي وري سڄي ڪراچي ۾ هنن نالن ۽ پارڪن جي مٿان ٺهرايون آهن يا خاص انٽربورڊ آفيس جي ڀرسان ۽ ايڌي فلاءِ اوور جي اڳيان جيڪو بابرغوريءَ جي پروجيڪٽ تحت صائما ٽاور نالي فليٽ ٺهيل آهن جيڪو بابر غوري اهو صائما بلڊرز وارو پروجيڪٽ ئي وڪرو ڪري هاڻي پاسي تي ٿي ويو آهي ۽ اهڙا ٻيا به پروجيڪٽ جنهن ۾ هنن اهڙي چائينا ڪٽنگ ڪري پنهنجن کي نوازي ويا .

هاڻي انهن جي اهڙن ٺڳيءَ جي پروجيڪٽن کي سپريم ڪورٽ ڊهرائڻ جي پٺيان لڳي پئي آ، ان ڪري ان عمارتن ۾ عوام جو نقصان ٿئي به پر فشري ته انهن سڳورن جي ٿيڻي آهي جنهن جي لاءِ ڪجھه ٽولن ۾ ورهايل پارٽين ۽ انهن جي پويان لڳل ماڻهن جو خيال ۽ سپورٽ آ ته اهي وري انهن ماڻهن جي هٿ ۾ واپس اچن جن ڪو روڊ، ڪو رستو، ڪو نالو ڪو پارڪ، ڪا سرڪاري ڊسپينسري نه ڇڏي هئي. انهن اهڙي بدمعاشيءَ ذريعي انهن جاين تي شادي هال ۽ عمارتون جوڙايون (پر اسان ان بحث ۾ نه ٿا پئون ته انهن سڀني ڌڙن تي ڪورٽن ۾ قتل جا ڪيس به هلندڙ آهن، انهن جي دور ۾ جڏهن ماڻهن انهن جا لاءِ ووٽن جا دٻا ڀري انهن تي اعتبار ڪندا هيا تڏهن اهي مٺ جيترا ماڻهو اهو سمجهندا هيا ته اهي هن شهر جا وارث آهن جن ٽي وي چينلن جي سپورٽ آ ۽ اهي هاڻي به سندرا ٻڌي اهو سمجهن ٿا ته شايد ائين ڪري يا مصطفيٰ ڪمال وانگي پريس ڪانفرنس ۾ ڳوڙها ڳاڙهي وري ووٽ کٽي ويندا (يا هيل به ڊولفن سُڪي تي مري ويندي) پر جي ڳوڙها ڳاڙڻ سان سياست ڪري سگهجي هان يا ائين هجي به هان ته مصطفي ڪمال هيل تائين ڪراچيءَ جي سياست تي عملن سبقت حاصل ڪري سگهي هان يا جماعت اسلامي مذهبي ووٽ به ميڙي سگهي هان ان ڪري هتي هر مذهبي ٽولي جو اڳواڻ الڳ ۽ ٻيو آ، ۽ هاڻي ته لساني گروھ به کوڙ، ان ڪري هي لساني گروھ به پاڻ کي ڪيش ڪرائڻ جي چڪر ۾ آهي ٻيو ڪجھه به ناهي.

اصل ۾ پي ٽي آءِ شهري لساني ڌڙن جو اصل حريف آ، جنهن 2018 ۾ هنن لساني ڌڙن جي صوبائي ۽ قومي سيٽن جي ميڙَ ۽ ڀينگ ڪئي، ان ۾ پي پي جون سيٽون ته اڃان پي پيءَ جي حصي ۾ نه آيون (اسان پنهنجن قومپرست ڌڙن جي ڳالهه نه ٿا ڪيون جيڪي پنهنجون آفيسون ۽ عمارتون کپائي نڪري ويا يا جيڪي هڪ جلسو ڪري وري ڳوٺن ۾ ويهي ٿا رهن) ان ڪري هي اهو به سمجهن ٿا ته پي ٽي آءِ هنن جي علائقن مان ڀڄي ويندي يا هٿ کڻي ويندي، يا هي هاڻي گھٽين، روڊن ۽ رستن تي بينر هڻي سياست ڪري ويندا، يا رڳو اردو ڳالهائڻ وارا ڪراچيءَ ۾ ٿا رهن يا اهي اردو ڳالهائڻ وارا هنن جي پارٽيءَ جا حامي يا ووٽر آهن، يا هنن کي اهو همجهڻ گهرجي ته رڳو روڊ ڀري ووٽر ثابت نه ٿا ڪري سگهجن، يا ووٽرن جو حاصل ڪرڻ ۽ سوَن يا هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو جمع ڪري بي سبب ٽريفڪ جام ڪرڻ ٻي ڳالهه آ، يا  اهڙين لساني جماعتن جو پنهنجي پارٽيءَ جي پويان پاڪستان لکي وري لالوکيتي سياست ڪرڻ واري سائنس هاڻي ماڻهن کي سمجہهھ ۾ اچي ٿي، ته اهي ڇا ٿا چاهن (سي پيڪ ۾ سنڌ جي ڪوسٽل ايريا کي چائينا جي بي پلان ۾ ڏيڻ ۽ گوادر کي اي پلان ۾ رکڻ ۽ اسٽبلشمينٽ جو پي ٽي آءِ جي انٽري ڪرائي ايم ڪيو ايم کي صاف ڪرڻ وري هڪ ٻيو زبردست بحث آ) يا سکڻيون لساني گروهي سياسي پارٽيون هلائي به ڪجھه نه ٿو ڪري سگهجي، ان ڪري ته حالتون اهي ٽيھه سال پراڻيون ناهن، يا رڳو روڊ ڀرڻ سان جي سياسي سرسي وٺي سگهجي هان يا لساني نفرتون ڦهلائي جي ووٽ حاصل ڪري سگهجن هان يا اهڙي سياست پائيدار ڪري سگهجي هان ته شهري گروھ هيل تائين وفاقي سرڪار ۾ سڀني کان اڳتي هجن هان، ان ڪري جي انهن سياسي گروهن ۽ پارٽين ۾ سڀ کان وڌيڪ شهري يونيورسٽين جا پڙهيل لکيل ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ وڏا واپاري به شامل آهن جيڪي ٻين پارٽين يا سياسي گروهن ۾ ناهن پر سڀني پارٽين کان وڌيڪ هي لساني ڌڙن جا اڻ ڄاڻ سياستدان خطرناڪ ۽ لسانيت جي بيماريءَ ۾ ورتل آهن جيڪي سياسي لاوارث آهن ۽ سدائين وانگي اهي روڊن جي بليڪ ميلنگ واري سياست کان مٿي نه ايندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.