”ايس ايس پي سانگهڙ هٽايو“ شهدادپور ۾ احتجاجي ريلي

شھدادپور (ن ع آ ) شھدادپور ۾ ڳوٺ ڪڙيو  بجل بوداڻي جي رهواسين منورخاصخيلي راهب خاصخيلي رجب خاصخيلي ديدارخاصخيلي جي اڳواڻي ۾ خاصخيلي برادري طرفان ايڊيشنل ڪورٽ ۾ ٿيل جھيڙي ۽ ڪيس داخل ڪري گرفتارين ڪرڻ خلاف لطيف پارڪ کان ايس پي سانگھڙ ھٽايو  ريلي ڪڍي پريس ڪلب شھدادپور آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ خاخيلي برادري جي اڳواڻن پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪندي  ٻڌايوته گذريل ڏينهن  اسان جا فريادي شاھد مشير ايڊيشنل سيشن ڪورٽ شھدادپور ۾ شنوائي تي آيل ھئا ته پوليس جي سرپرستي ۾ اسانجا مخالف قاتل زاھد عمراڻي گل مير عمراڻي ۽ ٻياجيڪي ھٿياربند ھئا  اسان جي ماڻھن تي ڏنڊن سروٽن سان حملو ڪري ڏنو جنهن ۾اسان جا ماڻھو زخمي ٿي پيا هنن چيوته پوليس حملو ڪندڙ زاھد عمراڻي سميت ٻين  جي سرعام ونگار وھندي  پٽ ڀرائي ڪري رهي آھي ۽ اسان جي قتل ٿيل ٽن خونن جي داخل ڪيسن تان ھٿ کڻڻ لاء ڊرامو ڪيو ويو ھنن چيو تہ ڪورٽ ۾ حملو بہ اسان مٿان ڪيو ويو ڪيس بہ اسان مٿان داخل ڪري اسان جي ماڻھن کي گرفتار ڪيو ويو آھي ھي ڪٿان جو انصاف آھي ھنن مطالبو ڪيو تہ اسان مٿان داخل ڪيل ڪيس ختم ڪري گرفتار ڪيلن کي آزاد ڪري سندن ڪيس زاھد عمراڻي ۽ ٻين مٿان داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.