سنڌي قوم جي دل آزاريءَ سان گڏ لساني فساد جي سازش

تحرير؛اي اي عباسي

تازو متحده قومي موومينٽ پنهنجي پراڻي روش کي برقرار رکندي جهڙي طرح وري پرامن سنڌي قوم جي ڪروڙين ماڻهن کي ڌمڪي آميز لهجي ۾ چڙڏياريندي پنهنجي غليظ زبان استعمال ڪئي آهي، جنهن ۾ هن بد ذوق مادر وطن سنڌ جي ڪروڙين سنڌي ماڻهن پوري قوم کي جهڙي طرح نفرت آميز زبان جو ورجاءُ ڪيو آهي، هن جو چوڻ آهي ته ”ائين نه ٿئي ته وري سنڌي ٽوپي ڪراچي ٽول پلازا پهچڻ بعد لڪائي اچو“، انهيءَ نوبت تي نه پهچايو وڃي.

وائڙائپ جو شڪار متحده قومي موومينٽ ( ايم ڪيو ايم ) پوءِ انهيءَ جو مصنوعي اڳواڻ فاروق ستار هجي يا عامر خان، خالد مقبول صديقي هجي يا وسيم اختر، انهن ۾ آفاق ، مصطفيٰ ڪمال، بابر غوري، حيدر عباس رضوي يا ڪو ٻيو نورُ هجي، انهن سنڌ جي ويرين کي شايد معلوم ناهي ته سنڌ وطن جي معاملي ۾ پنهنجي ڌرتيءَ جا وارث ڪيڏا حساس آهن، جيڪڏهن متحدهه توڙي پيپلز پارٽيءَ ۾ ڪن معاملن تي اڻت بڻت آهي ته اهي پنهنجا سياسي مامرا ڪهڙي به طرح نبرين باقي روز روز ٽوپي ڊرامي ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي.

سياست کان بالا تر سنڌ جو وجود آهي، هر ماڻهو کي معلوم آهي ته ايم ڪيو ايم وارا پهريان ڇا هيا ؟ ڪنهن جي اشاري تي سنڌ جي پرامن ڌرتيءَ کي رت جي ندين ۾ تبديل ڪري سنڌين، بلوچن، پختونن، پنجابين، سرائيڪين سميت ٻين کي پنهنجي دهشت ۽ وحشت جو نشانو بڻائي، جهڙي طرح متحده جي دهشتگردن ملڪ پاڪستان کي معاشي بربادي ڪري سنڌ جي امن واري ڌرتي کي خون آلود ڪري پرامن ۽ پر فضاءَ ماحول کي يوم سوگ جي نالي ۾ ٽارچر سيلن، ڊرل مشينن، هٿرادو قبرن ۽ پاڻيءَ جي ٽانڪين سميت جاين جي بلاڪن ۾ جديد ترين هٿيارن جا انبار ڪنهن گڏ ڪري آدم بوءِ آدم بوءِ جي ريهرسل ورجائي آهي،  انهن جهڙي طرح ڪورٽن جي جج صاحبان مٿان 12 مئي تي هٿيارن جي زور تي حملا ڪيا پوري ڪراچي يرغمال بڻائي وحشت ڦهلائي انهيءَ جي سڀ کي خبر آهي. هنن هميشه ملڪ پاڪستان، سنڌ،  ملڪي ادارن، ڌرتي جي وارثن توڙي ٻين خلاف جيڪا زبان استعمال ڪئي آهي، جنهن تي هنن جي سربراهه “ الطاف ڀائي ” ڀائي ڪنهن کي چيو ويندو آهي اها سڀني کي خبر آهي، انهي ڪري متحدهه تي بندش پابندي لڳائي وئي پر وري سازشي عناصرن انهن دهشت جي علامت بڻيل وحشي پڻي وارن کي “ لنڊن”  ۽ “ پاڪستان”  جو نالو ڏيئي زندهه رکڻ جي لائن ڏيندي سنڌ مٿان نئون ڏمر ۽ ساڙ پاڙيو ويو.

جيڪڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي يا متحده مووميينٽ جو ڪو پاڻ ۾ حساب ڪتاب رهيل آهي ته اهي سياسي انداز ۾ هڪ ٻئي سان نبرين طئي ڪن ته سنڌ جي وجود تي هلان ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. هنن ڪانئر قسم جي ماڻهن کان اها ڳالهه هضم نٿي ٿئي ته سنڌي ماڻهو جڏهن پنهنجي مکيه ۽ مرڪزي شهر سنڌ جي دل ۽ دماغ ڪراچيءَ ۾ سنڌي ٽوپي، اجرڪ ۽ بوسڪيءَ جا شاندار پٽڪا پائي پنهنجا ثقافتي ڏهاڙا ڪلچر ڊي ملهائين ٿا ته سنڌ جي ويرين دشمنن کي اک ۾ ڪنڊو چڀڻ لڳي ٿو، هو جڏهن ڪراچي جي وک وک ۽ هر پاسي ڏانهن سنڌي ٽوپي اجرڪ وارا محبتي پرامن ماڻهو ڏسن ٿا ته ويرين جي وجود ۾ هروڀرو جي نفرت، ساڙ، بغض، ۽ حسد ڇانئجي وڃي ٿو، متحدهه جي اول کان آخر تائين سنڌ ۽ سنڌي قوم خلاف نفرت آميز ديوارين تي چاڪنگ ۽ زبان خلاف نفرت ڀريا جملا سدائين رهيا آهن پر هاڻي ايم ڪيو ايم جا پنجاهه ڌڙا هاءِ گهوڙا ڪري رهيا آهن ته پاڻ ۾ سڀ گڏجي وڃو، جنهن ۾ دهشت ۽ وڏي خوف جي علامت بڻيل آفاق ۽ عامر جيڪي حقيقي جو باغي ڌڙو هيو اهي ڪوششون ڪري رهيا آهن ته ڪهڙي طرح به اڳ وارو دهشت وارو عروج ماڻيون، ڪراچي جو عوام خوف ۽ ڊپ ۾ رهائي اسان پنهنجي ناپاڪ ۽ غليظ سياست ڪري ذاتي مفاد حاصل ڪريون، متحدهه جو عروج ختم ٿي ويو آهي ۽  هاڻي هو زوال طرف آهن، انهن جو باب هميشه لاءِ انهيءَ ڪري بند ڪيو ويو آهي جو نهن سياست کي دهشتگردي ذريعي عوام جي مٿان ڏمر بڻجي ويا، سڀ کي خبر آهي ته پ پ سان پوري سنڌي قوم گڏيل ناهي اهڙي طرح ئي متحدهه قومي موومينٽ سان به سمورا اردو ڳلهائيندڙ گڏ ناهن، اردو اڪثريت آبادي سنڌ جي خوبصورت ڌرتي ۾ ضم ٿي ويا آهن ۽ سنڌي اردو ڳالهائيندڙن پاڻ ۾ مٽي مائٽيون ، رشتيداريون به ڪري ڇڏيون آهن، هاڻي ڪا به ضرورت ناهي نائن زيرو ۽ پڪي قلعي جي سياست ڪرڻ جي ، سنڌ کي عوامي سياست جي ضرورت آهي.

سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ پاڻ ۾ گهر جي ڀاتين ڀائرن وانگر زندگي گذاري رهيا آهن، شهيد محترم بشير خان قريشي پنهنجي ڳالهه وڏي واڪي ورجائي ويو هيو ته “ اردو ڳالهائيندڙ سنڌ جا مستقل باشندا آهن اهي اسان جا ڀائر آهن، جيڪڏهن ڪو سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه ڪندو ته اسان انهي جون زبانون ڪٽي ڇڏينداسين ۽ جيڪڏهن ڪو سنڌ ۾ ميري اک وجهندو ته انهي جون اکيون ڪڍي ڇڏينداسين، ايم ڪيو ايم وارن کي اها ڳالهه واضع ڪرڻي پوندي ۽ انهيءَ جي قيادت کي انهي ڳالهه جو نوٽيس وٺڻو پوندو.

قومي عوامي تحريڪ سربراهه ايڊووڪيٽ اياز لطيف پليجو، فنڪشنل مسلم ليگ سنڌ جي صدر صدر الدين شاهه راشدي، ايم پي اي نصرت سحر عباسي، پيپلز پارٽي ڪراچي جي اڳواڻ ۽ صوبائي سڌ سماءَ واري وزير سعيد غني، جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي، سنڌ دوست ساڃاهه وند ڌرين، دانشورن، اديبن ۽ ٻين ايم ڪيو ايم جي سمورن ڌڙن پاران سنڌ ۾ نئين سر لساني فساد ڪرائڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي. سنڌ جي گاديءَ واريءَ شهر ڪراچيءَ ۾ جڳهه جڳهه تي اهي بئنر، پينا فليڪس لکيل “ ديهي سنڌ ڪا شهري سنڌ پر قبضا نامنظور ” پاران متحده قومي موومينٽ پاڪستان واضع ۽ چٽا لفظ لکيل ڏسون ٿا ته انتهائي وڏو افسوس ۽ ڏک ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته پهريان اهڙي نموني جي سنڌ دشمن بيهودهه ڪراچيءَ جي اڪثر ديوارن تي چاڪنگ ٿيل هوندي هئي پر هيءُ انهيءَ چاڪنگ جي ذميواري مهاجر اتحاد، مهاجر قومي موومينٽ آفاق خان ٻيو نه ته ڪراچي ڪي شهري، فرزندان ڪراچي وغيرهه جي نالن تي خونخوار لسانيت سان ڀرپور نفرت آميز چاڪنگ ڪندا رهندا هيا پر پهريون  دفعو هاڻي انهن سڌي سنئين جيڪا چاڪنگ ڪئي وئي ۽ آهي انهيءَ ۾ واضع ۽ چٽي نموني پينا فليڪس تي جيڪي لفظ لکيا ويا آهن انهن جي انهيءَ چاڪنگ ۾ پويان طرفان متحدهه قومي موومينٽ پاڪستان لکيل آهي، هيءُ 75سالن کان هن پنهنجي چئن پنجن نسلن جي جيئڻ مرڻ جي آخري آرام گاهه ماتر ڀومي سنڌ امڙ کي امڙ چوڻ ۾ شرم محسوس ڪري ڇا ثابت ڪري رهيا آهن.

متحده جي اهڙي سنڌ دشمن پاليسين جي ڪري پهريون دفعو پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزيرعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ سنڌ جي صوبائي وزيرن نثار احمد کهڙو، سعيد غني، سيد ناصر شاهه، آغا سراج دراني ۽ ٻين  ڪراچيءَ جي حقيقي مالڪي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو آواز اٿاريو ۽ انهن کي وڏي واڪي چيو ته جيڪي سنڌ ۾ سنڌي ٿي اسان سان ڀاءُ بڻجي رهڻ چاهين ٿا انهن کي ويلڪم ڪيو ويندو ڀلي جو اهي اردو ڳالهائيندڙ ڀائر ۽ ڀينر هجن جهڙوڪ؛ وقار مهدي، تاج حيدر، شهلا رضا، رحمان ملڪ وغيرهه آهن، سنڌ ته هميشه اها ڳالهه ڪئي آهي ته اچو ته سنڌ امڙ جا ٻئي پٽ ملي ڪري پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ جي حفاظت ڪريون، تعصب ، لسانيت ۽ اناپرستي کي شڪست ڏيون، اچو ته ملي ڪري هڪ نئين تاريخ جوڙيون، اسان جو ڪراچي، همارا کراچي، سنڌي اردو ڳالهائيندڙ ڀائي ڀائي بڻجي وڃون ۽ ڪانئر دشمن، سنڌ جي ويريءَ جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي خاڪ ڪريون، جيڪي ماڻهو جي روپ ۾ وحشي درندا ديهي سنڌ ۽ شهري سنڌ جي ڳالهه ڪري ويڇا وڇوٽيون وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن انهن کي سنڌ امن سلامتي جي فضاءَ واري ڌرتي شايد نٿي وڻي.

هنن ڪراچيءَ کي سوني مرغي سمجهي ٻنهي هٿن سان لٽيو ڦريو ۽ ڀينگ ڪئي آهي. بار بار هيءُ ڪراچي سٽي جا ميئر ٿيا، جن ۾ فاروق ستار، وسيم اختر ۽ مصطفيٰ ڪمال ميئرشپ تي رهندي ڪراچي جي ڳوٺن سنڌي آبادين وارن  علائقن ۾ ڪهڙيون بنيادي ضروريات زندگيءَ جون سهولتون مهيا ڪيون ؟، انهن سدائين تعصب، لسانيت، سنڌ ڌرتي سان وير واري سياست ڪري پنهنجي دڪانداري هلائي آهي، انهن جي سياست سواءِ زهريلي ڏنگ بجاءِ ڪجهه به ناهي رهي، انهن جي دهشت ۽ وحشت جي خوف سبب ڪراچي جو اڍائي ڪروڙ عوام هميشه يرغمال رهيو، سنڌ انهيءَ سبب جي ڪري اربين کربين رپيا نقصان ۽ معاشي طرح هتان جو ڪاروبار ٻين ملڪن ۽ صوبن ڏانهن شفٽ ٿيندو رهيو جنهن جو ڪاپاري ڌڪ سنڌ سالن کان برداشت ڪندي پئي اچي.

سنڌ جا قومپرست، سنڌ جا وفاق پرست سنڌي سياستدان بار بار چئي چڪا آهن ته اردو ڳالهائيندڙ اسان ڀائر آهن پراڻي ۽ نئين سنڌي جو ڪو به فرق ناهي. ڪراچي سنڌ آهي ۽ سنڌ جي وحدت تي وار ڪنهن به صورت ۾ ڪو به غيرت مند برداشت نٿو ڪري سگهي، سنڌين جي مهمان نوازي جو احسان فراموش غلط فائدو وٺي رهيا آهن. سنڌ ڪڏهن به آدها تمهارا ۽ آدها همارا واري زهريلي زبان واري روش قبول نٿي ڪري سگهي. سنڌ ازل کان هڪ آهي ۽ ان شاءَ الله هڪ رهندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.