منشيات جو سرعام وڪرو ۽ نوجوانن جو مستقبل

تحرير؛صنوبر خاصخيلي

نشي ڪيترائي گھر ۽ خاندان اجاڙي ڇڏيا آھن ۽ ڪيترائي معصوم چھرا بگاڙجي مايوسي جي زنجير ۾ جڪڙجي چُڪا آھن، جن جي نشي کانسواءِ ڪابه زندگي ناھي ۽ انھن کي نشيءَ کانسواءِ ڪنھن شئي جي به ضرورت ناھي، ان نشي سبب ڪيترن ئي گھرن جو سُڪون تباھ ۽ برباد آھي، پر منشيات روز بروز معاشري ۾ ڪينسر جيان ڦھلجندي پئي وڃي.

نشو ڪينسر جيان ھڪ خطرناڪ بيماري آھي جيڪا ھر ڏينھن وڌيڪ شدت اختيار ڪري مريض کي موت کان به بدتر ڏينھن ڏيکاريندي آھي.

اسان مان ھر ٽيون فرد ڪنھن نه ڪنھن نشي ۾ ورتل آھي.جيڪڏھن حڪومت سختيءَ سان منشيات خاص ڪري ھيروئن ۽ انجيڪشن جي خلاف ڪاروائي ڪري ته ان بيماريءَ کي بنياد کان اُکيڙي سگھجي ٿو.ڇو ته نشي آور انجيڪشنون ميڊيڪل اسٽورز تي با آساني دستياب آھن، جتي جتي نشي آور انجيڪشنون وڪرو ٿين ٿيون اتي صحت کاتي جو عملو ان ڪُڌي ڪاروبار ۾ برابر جو شريڪ آھي،

۽ ان جي ڄاڻ ۾ اھا ڳالهھ ضرور ھوندي آھي ته ڪھڙي ڪھڙي ميڊيڪل اسٽور يا اڏي تي انجيڪشن يا منشيات ملي ٿي.

منشيات جي استعمال جي وبا ڪا نئين شيءَ نه آھي، ھڪ زماني کان ان جو استعمال ھلي رھيو آھي، پر اڄ ان سبب پوري دنيا ۾ اخلاقي ۽ روحاني ڏڦيڙ برپا آھي.

پھريان پھريان صرف ڪجهھ ماڻھو منشيات جا عادي ھئا، جن کي نفرت جي نگاھ سان ڏٺو ويندو ھو، پر اڄڪلهھ جي ترقي يافته دور ۾ ان جو استعمال ايترو عام ٿي چڪو آهي جو ھي ھڪ خاص طرزِ زندگي جي علامت بڻجي چڪي آھي.

سڄي ملڪ ۾ جيڪڏھن سرڪاري سطح تي ايمانداريءَ سان منشيات جي خلاف مھم ھلائي وڃي ته پاڪستان کي ھن خونخوار خطري کان ڇوٽڪارو ڏياري سگھجي ٿو.ھزارين مائرون،  ڀينرون ۽ ڪيترن ئي خاندانن جا خواب ٻُڏڻ کان بچائي سگھجن ٿا.منشيات طرف گھڻي ڀاڱي نوجوان طبقو راغب ٿئي ٿو،

موجوده صدي جو تمام وڏو الميو آھي ئي منشيات.اسانجو نوجوان نسل ” جن تي سڀاڻي اھم زميواريون اچڻيون آھن” اُھي اِن لعنت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام آھن ڇاڪاڻ ته جيستائين حڪومت ان سلسلي ۾ ڪو وڏو قدم نٿي کڻي تيستائين اھا لعنت ھن معاشري جو حصو رھندي، ان جي ڪارڻ ڪيترائي صحتمند ۽ خوش مزاج نوجوان ڏسندي ئي ڏسندي ھڏن جو ڍانچو بڻجي رستن، فٽ پاٿن ، گندن نالن ۽ ڪچري جي ڍيرن تي نشي جي حالت ۾ پيل ملندا آھن.

ھزارين فرد نشي جي حالت ۾ وٺجي پنھنجي خاندان جي لاءِ ڪارنھن جو ٽڪو بڻجي ويا آھن.

اھڙا دل سوز ۽ جگر چيريندڙ منظر به ڏٺا ويا آھن ته جڏھن ھڪ غمگين ماءُ جي آڏو ان جي جگر جو ٽُڪرو زخمن سان چور چور ٿيل آندو ويو ته ان جي ماءُ زارو قطار روئي ۽ رڙيون ڪرڻ لڳي ته "ھي منھنجو ٻچو ناھي.”

صرف نوجوان ڇوڪرا ئي نه پر ھاءِ ڪلاس جون تمام گھڻيون ڇوڪريون به ان لعنت ۾ بغير ڪنھن شرمندگي جي وڏي فخر سان مبتلا آھن.منشيات وڪرو ڪندڙ معصوم ماڻھن کي مختلف غلط طريقن سان ان عادت/بيماريءَ ۾ مبتلا ڪري پنھنجو ڌنڌو ڪندا آھن، جيڪو تمام افسوس جو مقام آھي.

ھيروئن چرس ۽ آفيم اھي سڀ نشي آور شيون آھن انھن جي باھ ڪيئن ڀڙڪي،،؟

اھي خطرناڪ بلائون ڪھڙي شيءَ سبب ٺھيون،؟

ڇا پاڪستان منشيات کان پاڪ ملڪ بڻجي سگھندو،؟ اھي سڀ سوال اڃان تائين جواب طلب آھن، ۽ شايد اھڙي طرح ئي رھندا، جيستائين صاحبِ اقتدار تاريخي، سماجي، معاشي ۽ اخلاقي طور تي پنھنجي ملڪ کي بدلائڻ جو عزم نٿا رکن،

غربت، بيروزگاري والدين جو عدم ڌيان اھي عمل آھن جيڪي نشي ڏانھن راغب ڪن ٿا.

تمام گھڻن خاندانن ۾ نوجوانن مان توقعات وابسته ڪيون وينديون آهن ته ته اھي تعليم حاصل ڪري سٺي ملازمت ڪندا ۽ والدين جو سھارو بڻبا،

جڏھن اھي ايئن ناھن ڪري سگھندا ته گھران طعنا ملڻ شروع ٿي ويندا آهن، اھڙي طرح حالتن کان فراريت ۽ سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ اھي نوجوان نشي جو سھارو وٺندا آھن، ۽ والدين جي وچ ۾ جھيڙا، ذھني ھم آهنگيءَ جو فُقدان به ٻارن جي شخصيت کي تباھ ڪري ڇڏيندو آھي.

نشي جي عادي نوجوانن ۾ اھڙا فرد به شامل آھن جيڪي شروعات ۾ ايڊونچر جي طور تي ھيروئن استعمال ڪندا آھن ۽ بعد ۾ ان جا عادي بڻجي ويندا آھن.

اڄ جو نوجوان جن مسئلن جو شڪار آھي اھو ان کان گھٻرائجي ان جو حل تلاش ڪرڻ بدران حقيقتن کان فراريت جي راھ اختيار ڪندو آھي ۽ نشو ڪري زنده لاش بڻجي ويندو آھي.

منشيات جي اسمگلنگ ۾ جيتري قدر منافعو آھي ايترو ڪنھن ٻئي ڪاروبار ۾ ناھي.

پاڪستان ۾ ھيروئن ۽ ٻين قسمن جي منشيات جي استعمال ذريعي موت جي شرح ۾ واڌاري سبب ھڪ ردعمل پيدا ٿيو اھو ردعمل حڪومتي سطح تي ئي نه پر عوامي سطح تي به تمام شدت سان ٿيو،

ھيروئن ۾ موت جي شرح ٻي منشيات کان وڌيڪ آھي، پر ان کي روڪڻ ۾ ھينئر تائين مڪمل ناڪامي نصيب ٿي آھي.

حڪومت پاڪستان ان سلسلي ۾ جيڪي به قدم کنيا آھن ان تي عمل درآمد جو وقت نه ڄاڻ ڪڏھن ايندو.؟ حڪومت کان علاوه اسانجو به فرض ٿئي ٿو ته اسان شراب،ھيروئن، آئيس، چرس، ڀنگ، انجيڪشن ۽ ٻي منشيات وغيره استعمال ڪندڙن کي ان کان بچاءَ جي لاءِ ھر طرح جي حوصلا افزائي ڪريون، ۽ ان جي استعمال کان بچائڻ لاءِ انھن جي مدد ڪريون. منشيات جي خلاف تمام گھڻيون اين جي اوز به ڪم ڪري رھيو آھن، پر اھو ڪُڌو ڪم ڪي چند ادارا ختم نٿا ڪرائي سگھن. بلڪه اجتماعي ڪوششن سان ئي ان لعنت مان ڇوٽڪارو ممڪن آھي.

ھاڻي اسانکي ان جو فوري طور حل تلاش ڪرڻو آھي ۽ پنھنجي گھر، پاڙي ، ڳوٺ ۽ شھر مان اڄ ۽ ھاڻي ان لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ اُٿي بيھون.

اڄ جي پرنٽ اليڪٽرانڪ توڙي سوشل ميڊيا تمام گهڻي طاقتور آھي، حڪومت کي گھرجي ته اھا ميڊيا ذريعي گھڻي کان گھڻا ڊراما، اشتھار ۽ فلمون ڏيکاري ته جيئن ھر ھڪ فرد جي ذھن ۾ ان جي نفرت ايتري وڌي وڃي جو ھو ان جي باري ۾ سوچي به نه سگھي.

حڪومت صرف ڪاغذي ڪارروائي "ڪانفرنس” ۽ سيمينار ئي نه ڪري پر عملن ان جي خلاف لائحه عمل اختيار ڪري سختيءَ سان عمل درآمد ڪرائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.