شاگردياڻي عصمت وارو معاملو

تحرير؛درياهه خانج هتيال

سنڌ! سُک نٿي سنڀري ڇو جو هتي ڏُکن جا بند هنڌا هنڌا ٽُٽي پيا آهن، انهن بندن کي ڪير به ٻَڌي نٿو سگهي، سنڌ ۾ لاقانونيت جي حد ايتري وڌي وئي آهي جو سال ڏيڍ جو معصوم به متاثر آهي ته سو سالا پيرسن به انصاف انصاف ڪندي فوت ٿي ٿو وڃي، هتي قانون جي ڳالهه ڪندڙن جي نااهلي جي ڪري ڪيتريون ئي زندگيون مايوس ٿي پاڻ کي مٽيءَ منجهه ملائي پوئينرن کي ڪيترائي ڏُک ڏئي وڃن ٿيون پَر پوءِ به قانوني ٺيڪيدارن کي احساس نٿو ٿئي، جيئن سيتا روڊ جي نوجوان شاگردياڻي جي زندگي جو احساس ناهي ٿيو.

ويهه ڏينهن اڳ تاريخي شهر سيتا روڊ ۾ هڪ اهڙو واقعو پيش آيو جنهن سنڌ جي سيني تي رهنڊون ڏنيون، سنڌ جي نياڻي ۽ پيپلز ميڊيڪل ڪاليج ۾ چوٿين سال ۾ پڙهندڙ ھوشيار شاگردياڻي ۽ ڊاڪٽر جي ڊگري حاصل ڪرڻ جي خواهش رکندڙ عصمت طور مبينا طور خودڪشي ڪري ڇڏي، عصمت جي زندگي ڪتابن ۽ علم سان هئي جيڪا هن جي والدين کيس ارپي، پَر هي سماج اهڙن انسانن کي ڪٿي ٿو جيئڻ ڏيئي، درنده صفت ماڻهو تعليم ۽ شعور مان ڇا ڄاڻن هُو ته هوس جا طلبگار آهن ۽ بنا خوف آهن، ڇو جو هنن کي قانون پنهنجي گرفت ۾ هميشه لاءِ نٿو آڻي ها باقي ڪجهه قسطن جي ڊرامن عيوض پڪڙي ٿو، شاگردياڻي عصمت خالد پاران سيتا ۾ گهر اندر مبينا طور خودڪشي ڪرڻ واري واقعي ڪيترا ئي سوال اٿاريا پر اهم سوال پوليس تي اٿيا جنهن شاگردياڻي جي خودڪشي واقعي کان اڳ ۽ پوءِ مڪمل نااهلي ڪئي، شاگردياڻي عصمت جي نالي سان ڪوڙو نڪاح نامو تيار ڪري کيس بليڪ ميلنگ واري معاملي تي سندس ڀاءُ نادر طور سيتا روڊ ٿاڻي تي جوابدار شمن سولنگي، سندس زال نعيمه، پُٽ، نڪاح نامي جي مولوي سميت ٻن شاهدن تي ڪيس داخل ڪرايو، ان ايف آءِ آر کي پوليس ردي جي ٽوڪري ۾ ڪونه وڌو پَر ڪنهن پراڻين فائيلن ۾ ضرور وڌو ته جيئن ٻين جيان هي ڪيس به راڄوڻي ۾ هليو وڃي يا ڪو سياسي نمائندو وچ تي اچي ته جيئن ونڊي وٽي کائون.

پوليس جي روايتي لالچ ۽ بُک جي ڪري 3 ڏينهن بعد شاگردياڻي عصمت ڪوبه جوابدار گرفتار نه ٿيڻ جي ڪري مايوس ٿي ذهني دٻاءُ ۾ اچي خودڪشي ڪري ڇڏي، عصمت پنهنجي عصمت بچائڻ لاءِ پنهنجي حياتي وڃائي پَر پوءِ به سيتا پوليس کي احساس نه ٿيو، عصمت جي وارثن ٻيو ڪيس داخل ڪرايو جنهن ۾ به ساڳيا جوابدار نامزد ڪيا ويا، اهم اتفاق اهو آهي ته سمورا جوابدار مقامي هئا ۽ مُک جوابدار جو گهر به سيتا روڊ ٿاڻي جي سامهون هيو پر دادو ۽ سيتا پوليس کي بُک جو چڪ هڻڻو هيو ان لاءِ ڪيس اينگهائي رهيا هئا، بدقسمتي اها به هئي ۽ آهي ته عصمت جي وارثن سان نه ڪنهن سياسي ماڻهو ڏُک جو اظهار ڪيو نه سندس وٽ انتظامي ڪامورو لڙي آيو پَر ميڊيا عصمت معاملي کي پنهنجي نياڻي سمجهي ڪيس وڙهيو ۽ نيٺ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس ورتو، ان بعد ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ اڳوڻو ايس ايس پي دادو عصمت جي گهر پهتا، ڪيس کي 8 ڏينهن گذري چڪا هئا، سنڌ هاءِ ڪورٽ کي جواب ڏيڻ لاءِ صرف ايس ايڇ او سيتا کي هٽائي نااهلي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر وارثن کي انصاف جي اميد نظر نه آئي، وارثن جي مسلسل احتجاجن ۽ ميڊيا جي ڀرپور سهڪار سان نيٺ ڪيس جو مُک جوابدار گرفتار ٿيو جيڪو صرف ڪيس جي نوعيت جو هيو، پَر عصمت جي زندگي جو ڇا ٿيو؟ پوليس ٿاڻي جي سامهون مک جوابدار جو گهر آهي پوءِ مک جوابدار 15 ڏينهن کانپوء گرفتار ٿيو؟ ايس ايڇ او کي صرف جاءِ تان هٽائي سموري سزا جزا معاف ڪئي وئي؟ ڇا اهڙين ڊرامائي ڪارواين تي وارثن کي انصاف جي اميد جاڳندي؟ ڇا وارثن کي وري جاني مالي نقصان نه ٿيندو؟ چيف جسٽس جي نوٽيس بعد پوليس مک جوابدار کي بچائڻ لاءِ پهريان مولوي کي بعد ۾ جوابدار جي گهر واري وري پُٽ وري هڪ ڪوڙي شاهد جي گرفتاري ظاهر ڪئي، جيڪي سيتا شهر ۾ ئي رهيل هئا، اڃا هڪ شاهد گرفتار ناهي ٿيو، اهڙن ڊرامن جي ڪري جوابدار سنڌ صوبي مان ڀڄي خبيرپختون خواهه پهتو، جيڪڏهن دادو ۽ سيتا پوليس بليڪ ميلنگ واري ڪيس جي پهرين رات ئي ڪارروائي ڪري ها ته عصمت زندگي نه وڃائي ها پر پوليس بُک بڇڙو ٽول واري پهاڪي جي پاسداري ڪئي ۽ پوليس جي لالچ نااهلي سبب هڪ هوشيار هونهار شاگردياڻي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، هن وقت به پوليس جا ڊراما جاري آهن. ڪيس جي جانچ جو اڳواڻ دادو اي سيڪشن پوليس ٿاڻي جو ايس ايڇ او آهي، پر وارثن کي انصاف جي اميد ناهي ڇو جو پوليس پنهنجي روايتي سستي جاري رکي ۽ مُک جوابدار کي بچائڻ لاءِ مختلف ڏينهن ۾ ٻين جوابدارن جي گرفتاري ظاهر ڪئي جنهن سبب مُک جوابدار 15 ڏينهن فرار هيو، هن وقت جوابدار ته گرفتار آهي پر شاگردياڻي عصمت جي وارثن ۾ خوف برقرار آهي، ڪيس جو فريادي نادر طور عصمت جو والد خالد جميل پڻ ذهني طور تي پريشان آهن، پوليس جي جانچ جي نااهلي اها آهي جو ٽيڪنالاجي جي دور ۾ هن وقت تائين عصمت جي ليپ ٽاپ ۽ موبائيل جي به فارنزڪ رپورٽ نه اچي سگهي آهي ته باقي جوابدار بابت ڪهڙي جانچ ٿيندي؟ عصمت طور واقعي سموري سنڌ جي نياڻين جي ذهنن کي پڻ تڪليف ڏني آهي.

هن واقعي تي نه رڳو عصمت طور جا والدين ذهني عذاب ڀوڳين پيا پر نائلا رند، نمرتا رامچنداني، نوشين ڪاظمي جي والدين سميت سنڌ جي هر نياڻي جيڪي مختلف ڪاليجن ۾ پڙهن ٿيون انهن جي والدين لاءِ پريشانيون وڌنديون پيون وڃن، عصمت طور واقعي سيتا روڊ جو تمام وڏو واقعو آهي جنهن ۾ پوليس جو ڪردار مشڪوڪ آهي، پوليس پنهنجي بُک پوري ڪرڻ لاءِ واقعي جي پهرين ڏينهن کان ڪا جانچ نه ڪئي، ڪيس داخل ٿيو ته پوءِ به خاموش ويٺي رهي، ايس ايس پي دادو به مشڪوڪ ٿي ويو، ڪا به جانچ نه ٿي ۽ عصمت پنهنجي عزت کي وڌيڪ خطرو سمجهي جوابدار جي وهشت ۽ پوليس جي خاموشي سبب پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، پوءِ به عصمت جا وارثن پنهنجي نياڻي جي قبر جي مٽيءَ آلي هئڻ باوجود خودڪشي واقعي جو ڪيس داخل ڪرايو، جنهن ۾ پوليس پنهنجا ڊراما قسطن سان پيش ڪيا، پوليس روايتي سستي، لالچ، بُکَ ۽ نااهلي ته جاري آهي،

پَر ٻنهي ڪيسن جي جوابدارن کان پوليس ڪهڙي جانچ ڪندي؟ يا وارثن کي تحفظ يا انصاف جي ڪهڙي اميد؟ دادو پوليس چيف جسٽس کي ڊرامائي انداز سان مختلف جوابدارن جي گرفتاري ڏيکاري پر مُک جوابدار کي 15 ڏينهن بعد گرفتار ڪيو، ان جو گهر ته سيتا ۾ پوليس جي ٿاڻي سامهو هيو ته پهرين ڏينهن تي ڇونه گرفتار ڪيو ويو؟ ايس ايڇ او سيتا روڊ کي رڳو پوسٽنگ تان هٽائڻ جي سزا جو ڊرامو ڪيو ويو کيس عصمت جي زندگي وڃائڻ جي بدلي کيس نوڪري تان ئي ڇونه برطرف ڪيو ويو؟ ڇا نئون ايس ايس پي دادو عرفان سمون شاگردياڻي جي مبيبا خودڪشي جا سبب ڳولي وارثن سان انصاف فراهم ڪندو؟ ڇا اهو قانون عصمت جي ٿيل مبينا خودڪشي جا سبب ڳولي سگهندو؟ ڇا سنڌ جون ڪيتريون ئي عصمتون شمن سولنگي جهڙن جوابدارن کان اهڙي قانون جي آسري تي پنهنجون عصمتون ۽ عزتون بچائي سگهنديون؟

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.