مرڪزي حڪومت جي عوام سان واعدي خلافي

تحرير؛"راز"علي گل ڀٽو

پي ٽي آءِ 2018 جي شروعات ۾ھڪ منظم ڪنٽينر ميلو لڳايو ھيو ته اھو ميلو چند ڏينھن جي ناچ گاني ۽گار گند جي ڀرپور نمائش ڪرڻ کان پوءِ حڪومتي انعام اڪرام جي ملڻ تي ختم ٿيو، پر ان جوشيلي نماءُ ھڪ سؤ ڇويھن ڏينھن جي ڊيگهھ ورتي،پوءِ ته ان  شام جو شرڪت ڪندڙن ان نماءُ کي صرف عنايت حسين ڀٽي ۽ عالم لوھار جا ٿيئيٽر سمجھي شرڪت ڪرڻ لڳا،جن ۾چند ناميارا ۽ڳڀرو فنڪار ٻن ڪلاڪن تائين بد زبانيءَ جو مظاھرو ڪري ھليا ويندا ھئا،ان سموري فنڪار ٽولي جو اڳواڻ ھيو۽آھي استاد عمران خان نيازي،جنھن سياسي جلسن محفلن۾ داٻي۽گار گند جو رواج وڌو،شريڪ عوام کي ھر روز اھو دم دلاسي وارو پڪو راڳ ٻڌايو ويندو ھيو ته اسان جيڪڏهن اقتدار جي اسٽيج تي آياسي ته ھڪ ڪروڙ نوڪريون۽ پنجاهه لک گھر ڏينداسي، اھڙو دو گانو ٻڌايو ويندو ھيو،ھي سارو سانگ رچائڻ وارن ھتان ھتان ڪينئن به ڪري پٽي سٽي سياسي راڳ جا سڀ ساز سرندا استاد عمران خان ۽سندس ھمنوائن جي حوالي ڪري ڇڏيا، پر ھن ٽولي اچڻ شرط سک سانت وارو عوامي لوڪ گيت بجاءِ عوام کي مھانگائيءَ۽بدامنيءَ ننگو ناچ نچائڻ لڳو،ھنن جي راڳ جي نتيجي ۾سڪون ۽امن بجاءِ آفتون ۽ بيماريون نازل ٿيڻ لڳيون،جن ۾مھانگائيءَ ۽بيمارين جا ديو قاتلن جي صورت ۾وات ڦاڙيون بيٺا آھن.

سندن اقتدار۾ اچڻ شرط سڄو زور عوام کي سک۽ سانت ڏيڻ بجاءِ برباد ڪرڻ تي ھيو،اچڻ سان ھن ملڪ جي سموري معاشيات وسيلن ۽ انتظاميا کي مخالفن جي وٺ پڪڙ تي لڳائي انھن کي ختم ڪرڻ يا خاموش ڪرڻ تي لڳائي ڇڏيو،جنھن ڪري ملڪ دشمن،عوام دشمن،ذخيره اندوزن۽منافع خورن بي فڪر۽ آزاد ٿي پنھنجي اصل ڌنڌي سان لڳي ويا،عوام ساڳيو ئي مھانگائي۽بد امنيءَ سانھر ھيٺان لتاڙجي رھيو آھي،ھڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ پنجاهه لک گھرن وارو واعدو رات وئي ڳالهھ وئي جي ور چڙھي ويو ،نوڪرين ڏيڻ بجاءِ ھينئر تائين ھزارين ملازمن کي گھر ڀيڙو ڪيو ويو آھي،پنجاهه لک گھرن جا اجھا آڇڻ بجاءِ روزانو ھزارين ماڻھن کي متبادل ڏيڻ بجاءِ بي گھر ڪيو پيو وڃي.

مھانگائيءَ ماضيءَ جون سڀ حدون اورانگھي مستقبل کي محتاج ڪرڻ جي تيارين ۾آھي،ماڻھن جي آمدني پنج سال اڳ واري به نه رھي آھي، پر اخراجات وڃي پنجوڻ کي پھتا آھن،غريب ان حالت ۾پيڙھجي رھيو آھي ۽ سفيد پوش پنھنجا اثااثا وڪڻي پنھنجي سفيد پوشي قائم رکڻ لاءِ ڄڻ بي سود ڪوشش ڪري رھيو آھي،انھن طبقن جي بيوسي ڄڻ ته امير طبقي کي اڃان به امير ڪري رھي آھي،جن کي پنھنجي ملڪيت جو ڪاٿو ئي ڪونھي ته انھن کي بازار جي مھانگن اگھن جي ڪھڙي خبر ھوندي،ڇو ته اميرن،وزيرن،صنعتڪارن جا چلھا عام ماڻھو جي رت سان ٻيا ٻاريندا آھن،بد امنيءَ جو راڪاس اھڙو ڇڙواڳ ٿي ويو آھي،جو ڏينھن جو پورھيي۾پگھر ھارڻ وارو ھاري۽ مزدور رات جو جاڳي پھرا ڏيئي گذاري ٿو،ھن دؤر۾نه ته ڪنھن جو داد آھي نه فرياد، ڦرون، اغوا، ڌاڙا، چوريون ۽ معصومن سان جنسي زيادتيون روزانو جو معمول ٿي ويون آھن،ڪير ڪنھن کان پڇڻ وارو ڪونھي، وڏا چور ساڌ ٿيا سير ڪندا وتن ٿا۽ننڍا ڏوھاري وري حاڪمن جي مٺ گرم ڪيون پاڻ بچايون وتن ٿا،رشوت ختم ڪرڻ ۽ آءِ ايم ايف وٽ نه وڃڻ وارن دعويدارن ايف آءِ اي ۽نيب کي ايترو سرگرم ڪري ڇڏيو آھي جو انھن جي نالي ۾ ھر کاتي۾ رشوت جا اگهھ وڌي ويا آھن،اڳي چڱي مٺي جي پارت سفارش ڪم اچي ويندي ھئي، پر استاد نيازي ۽ ھمنوائن جي محفل شروع ٿيڻ کان پوءِ ڪير به رشوت جي گھور ڏيڻ کانسواءِ وڃي نٿو سگھي،عوام اھڙي عمراني چيچڙي۾ڦاٿو آھي جيڪو ابتو به پيڙھي ٿو۽سبتوبه پيڙھي ٿو،ٻنھي پاسي عوام جو رت بڻجي نڪري ۽ چوسجي ٿو،جنسون ملڪ۾ھوندي به اڻ ھونديءَ جي آوه۾ آھن،ھڪ ٻئي پٺيان بحران تي بحران جاري آھي،انتظامي بحران ھيل تائين ھن حڪومت کان حل نه ٿيا آھن،ڪي پي ڪي۽پنجاب جا ھيل تائين چار چار آءِ جي تبديل ٿي چڪا آھن ،پر امن جو ڍڳو ساڳيو پير پيران آھي،ڪيئي وفاقي۽صوبائي سيڪريٽري تبديل ٿي چڪا آھن ،وزيرن جا قلمدان بدليا آھن،چار خزاني جا وزير۽ٽي اسٽيٽ بنئنڪ جا گورنر بدلايا ويا آھن، پر حاڪمن جي نااھليءَ جي ڪري نوڪر شاھيءَ سندن حق حاڪميت اڃان تائين تسليم نه ڪيو آھي،حاڪم جماعت جي سگھارن ماڻھن جي ھٿ چراند ڪري ڪامورا ڊپ کان ڪم وارن فائيلن کي ھٿ لائڻ کان ڊڄن ٿا،ان ڪري ملڪ جون معاشي حالتون ڏينھون ڏينھن بگڙي رھيون آھن،آءِ ايم ايف جي چور گپ مان ملڪ پير ڇڏائي نٿو سگھي،

اسٽيٽ بينڪ جيڪا رياستي ناڻي۽وھنوار جي سنڀال ڪندي آھي،ان کي آءِ ايم ايف ڏانھن جوابده ڪيو ويو آھي،رپيو ڊالر جي وزن ھيٺان دٻجي نيساھو ٿي پيو آھي،استاد عمران خان نيازيءَ جي اھا دعويٰ عوام کان اڃان نه وسري آھي ته آءِ ايم ايف ڏي وڃڻ بجاءِ خودڪشي ڪندس،ھيل تائين اھو ته ڪونه ٿيو، پر خلق خدا اھو ڏسي رھي آھي ته رياستي خزاني کي ڪنجي ڪلف ۽ چوڪيدارن سوڌو ھٿ پير ٻڌي آءِ ايم ايف جي حوالي ڪرا ڇڏيو اٿس.

آءِايم ايف جي مني صديءَ جي تاريخ شاھد آھي ته ڪوبه ملڪ ان جو قرضي ھوندي پاڻ ڀرو ٿي نه سگھيو آھي،ان اداري جي شرطن تي عوام کي آزارڻ ڪٿان جي دانشمندي آھي؟عالمي مالياتي ادارن جي صلاحڪارن جي سفارش يا حڪم جي بجا آوري ڪندي سڀ مالياتي ادارا گروي رکيا ويا آھن،استاد نيازي ته پنھنجو وارو وڄائي ويندو،انھن انڌن اونڌن معاھدن جا نتيجا ته ايندڙ حڪومتون ۽ عوام ڀوڳيندو، ھر سختي۽زيادتي سھڻ لاءِ ٽن مھينن جو دم دلاسو پنھنجي ا تي اڃان موجود آھي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.