اردو ڳالهائيندڙ دانشور لسانيت واري باهه کي روڪين : رئوف ساسولي

حيدرآباد(رپورٽر) جمهوري وطن پارٽي جي اڳوڻي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ۽ سينيئر بلوچ اڳواڻ رئوف خان ساسولي چيو آهي ته ڪي ڌريون  سنڌ ۾ لسانيت جي باهه کي ڀڙڪائڻ جي سازش ڪري رهيون آهن، اردو ڳالهائيندڙ اديب، دانشور ۽ پڙهيل لکيل نوجوان پنهنجو ڪردار ادا ڪري لسانيت واري باهه کي ڀڙڪڻ کان بچائين، مذهب ۽ ثقافت انسان جو حساس معاملو آهي، ثقافت خلاف ڳالهائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.  اهڙو اظهار هن عوامي آواز سان ڳالهائيندي ڪيو. بلوچ اڳواڻ چيو ته اسان بلوچ سنڌ کي پنهنجي ماءُ سمجهون ٿا، جيڪي سنڌ ۾ بلوچ آباد آهن، اهي پاڻ کي سنڌي سمجهن ٿا. هن چيو ته مياڻي جي انهن شهيدن جيڪي مير شير محمد ٽالپر جي سربراهي ۾ سنڌ ڌرتي لاءِ بلوچ شهيد ٿيا. انهن جي روح کي ڪڏهن به بلوچ مايوس نه ڪندا، بلوچ نوجوان ۽ بلوچ ليڊر هميشه انهن روحن آڏو سرخرو رهڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته مذهب ۽ ثقافت انسان جو احساس معاملو آهي، مذهب جي حساسيت جي بنياد تي سنڌ جي ڌرتي ڌڻين هندستان مان آيل مسلمان ڀائرن کي 47ع ۾ اسٽيشنن تي بيهي ڀليڪار چيو، پر اهي اڄ جنهن ڌرتي ۾ رهن ٿا، ان سرزمين کي ماءُ تسليم ڪرڻ بجاءِ ان جي ثقافت خلاف ڳالهائين ٿا، جيڪو عمل مذمت جوڳو آهي.. هن چيو ته هي عجيب فلسفو آهي ته پٺاڻ جو هوٽل پسند ناهي، پنجاب جي ڌوتي کان نفرت آهي، سنڌ جي اجرڪ ۽ ٽوپي کان نفرت آهي، بلوچ جي پڳڙي کي خراب سمجهيو وڃي ٿو. پاڪستان جي زمين اصل قومن جي آهي، جن جي ڪلچر ۽ تهذيب کي خراب چيو وڃي ٿو، اهڙي جذباتي لفظن ڳالهائيندڙ ماڻهو پنهنجي هن اقليتي گروهه کي تباهي طرف وٺي وڃي رهيا آهن.. هن چيو ته ڪراچي ۾ بلوچ، پشتون، پنجابي ۽ گلگتي، هندڪو، سرائڪي ۽ ملڪ جي ٻين علائقن ۾ آيل ماڻهو روزگار لاءِ رهائش پذير آهن، بهتر آهي ته هتي ڀائيچارو، محبت، اخلاص لاءِ ڪم ڪيو وڃي. هن چيو ته اسان ته امام علي نازش، معراج محمد خان، مولانا شاهه احمد نوراني، پروفيسر قرار حسين، پروفيسر محمود الحسن، اديب رضوي سميت بيشمار انسان دوست اردو ڳالهائيندڙن جي دل سان عزت ڪريون ٿا. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.