ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ جي واقعن ۾ ھڪ ڄڻو قتل ۽ ڇرين جي حملي ۾ ڀاءُ ڀيڻ زخمي ٿي پيا، ڪالهه سرجاڻي ٽائون واري علائقي ۾ نامعلوم ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ 40 سالن جو وقار ولد غريب نواز قتل ٿي ويو، ٻي پاسي ملير جي علائقي معين آباد ۾ قائد پارڪ وٽ جھيڙي دوران ڇرين جي حملي ۾ 18 سالن جو لاريب قاسم ۽ سندس ڀيڻ 20 سالن جي لائبا ڌي قاسم زخمي ٿي پيا، جن کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.