سکر جي خانگي اسپتال ۾ آپريشن بعد عورت فوت، ڀڃ ڊاهه، احتجاج

سکر (رپورٽ:اظهر علي دايو) سکر جي خانگي اسپتال ۾ آپريشن دوران ڊاڪٽر جي مبينه غفلت سبب عورت فوت، وارثن پاران اسپتال ۾ ڀڃ ڊاھ، اسپتال انتظاميا خلاف احتجاج، ڊاڪٽر مٿان غلط آپريشن ڪرڻ  جو الزام، ڪاروائي جو مطالبو. خبرموجب سکر جي آباد ٿاڻي حد ڳوٺ پراڻي شاهپور جي بيواھ عورت مسمات امداد خاتون سومرو کي پتي جي آپريشن لاء گذريل ڏينهن سکر جي مصطفائي اسپتال ۾ داخل ڪرايو هو. ڊاڪٽر رات جو آپريشن ڪيو ته ان دوران عورت فوت ٿي وئي. جنهن بعد  ڊاڪٽر ۽ عملو کسڪي ويو. ڊاڪٽر جي مبينه غفلت سبب عورت جي فوت ٿيڻ تي وارث مڇرجي پيا. جن اسپتال ۾ ڀڃ ڊاھ ڪندي اسپتال انتظاميا ۽ ڊاڪٽر خلاف احتجاج ڪيو. ان موقعي تي فوتڻ جي وارثن جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر غلط آپريشن ڪيو جنهن سبب مسمات امداد خاتون سومرو فوت ٿي وئي ۽ ڊاڪٽر پنهنجي نا اهلي کي لڪائڻ خاطر فوت ٿيڻ بعد به ٻه ڀيرا آپريشن ڪيو ۽ اسان کي بار بار رت آڻڻ لاء چيو پر عورت ته ڊاڪٽر جي غفلت جي ڪري آپريشن دوران ئي فوت ٿي وئي هئي. جيڪو عمل لاش جي بيحرمتي آھي. فوتڻ جي وارثن سنڌ حڪومت کان ڊاڪٽر ۽ اسپتال انتظاميا خلاف ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي. هوڏانهن شهيد دودو سومرو ويلفيئر سکرڊويزن، سکر ضلعي، سٽي سکر ۽ نئون تعلقي سکر پاران سنڌ حڪومت کان واقعي جي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي فوتڻ جي وارثن انصاف ڏيڻ جي گهر ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.