اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ ايندڙ مهيني جي شروعات تي پيٽرول شين جي اگھن ۾ 10 رپين تائين واڌ جو امڪان آهي. انڊسٽري ذريعن موجب عالمي منڊي ۾ ڪچي تيل جي قيمت ۾ واڌ کان پوءِ پاڪستان ۾ به پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب پهرين فيبروري کان ڊيزل جي قيمت ۾ 10 رپيا في ليٽر ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ 7 رپيا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته 31 جنوري تائين قيمت ۾ لاها چاڙها يا ٽيڪس ۾ تبديلي سان قيمت مقرر ٿيندي. 03