سنڌ سرڪار ۽ جماعت اسلامي ۾ ٺاهه سٺي ڳالهه آهي:مفتي منيب

ڪراچي (رپورٽر) چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي اڳوڻي سربراهه ۽ مذهبي عالم مفتي منيب سنڌ سرڪار ۽ جماعت اسلامي وچ ۾ مڪاني نظام جي بل بابت ٺاهه جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پرامن جدوجهد ۽ ڳالهين سان مسئلن کي حل ڪرڻ تعريف ڪرڻ جهڙي روش آهي، پنهنجي هڪ بيان ۾ مفتي منيب وڌيڪ چيو ته سنڌ سرڪار ۽ جماعت اسلامي وچ ۾ ڳالهين لاءِ اهلسنت جي عالمن مثبت ۽ تعميري ڪردار ادا ڪيو، جنهن سبب هي معاهدو ڪامياب سان ٿي ويو. هن چيو ته ڪراچي جي انفراسٽرڪچر کي اپ ڊيٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي، سڀني لاڳاپيل ڌرين کي ان ٺاهه کي ڀليڪار چوڻ گهرجي.  واضح هجي ته سنڌ سرڪار ۽ جماعت اسلامي ۾ معاهدي بعد جماعت اسلامي 29 ڏينهن کان ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي آڏو هنيل ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.