سکر ۾ زرعي ورڪشاپ تي اينٽي ڪرپشن جو ڇاپو، عملو فرار

سکر (رپورٽر) اينٽي ڪرپشن سکر جي ٽيم پاران  وڏي ڪاروائي، زراعت کاتي جي ورڪشاپ تي ڇاپو، خراب حالت ۾ موجود هيوي مشينري جي فيول جي مد ۾ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن جو انڪشاف، ڇاپو دوران عملو فرار، ٽيم پاران آفيس جو رڪارڊ ضبط، خبر موجب: اينٽي ڪرپشن سکر جي ٽيم پاران خوراڪ کاتي سکر جي ورڪشاپ تي ڇاپو هنيو ويو، جنهن دوران خراب حالت ۾ موجود هيوي مشينري جي فيول جي مد ۾ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏهن ته ڇاپو دوران عملو فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جنهن کانپوءِ ٽيم 2020 ۽ 2022 جو رڪارڊ پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آهي، ان ڏس ۾ عملي جو چوڻ آهي ته زراعت کاتي جي ورڪشاپ ۾ خراب مشينري جي فيول ۽ مرمت جي مد ۾ ڪروڙين روپيا سرڪاري خزاني کي ڪروڙين روپين جو نقصان پهچايو ويو آهي جنهن جي جاچ ڪري رهيا آهيون ۽ جاچ کانپوءِ ملوث عملدارن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.