ڪراچي ۾ دٻي پيڪ موبائل پراڻي نڪتي، شهري جو عدالت سان رابطو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪنهن به مشينري يا وري ٽيڪنيڪل شين جي خريداري ۾ اڪثر دوکو نظر ايندو آهي، جنهن جو نقصان آخرڪار خريدار کي ئي برداشت ڪرڻو پوندو آهي.

اهڙو ئي ڪجهه ڪراچي ۾ به ٿيو، جتي هڪ شهري مشهور موبائل مارڪيٽ مان هڪ دٻو پيڪ موبائل 21 جولاءِ تي 43 هزار رپين ۾ خريد ڪئي.

شهري عدالت کي ڏنل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته ڪجهه وقت استعمال ڪرڻ کانپوءِ موبائل ۾ سگنل جو مسئلو ٿيو پر جڏهن آئون موبائل واپس ڪرڻ ويس ته دڪاندار موبائل واپس وٺڻ يا وري تبديل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

درخواستگذار موجب شهري موبائل سينٽر ويو ته پتو پيو ته موبائل اڳ ئي استعمال ٿيل آهي، عدالت دڪاندار تي 5 لک 50 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري.

درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي ته لاڳاپيل ڪمپني ۽ دڪاندار خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو وڃي، جڏهن ته شهري جي اهڙي درخواست تي عدالت ڌرين کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.