وڏي وزير پاران دعا منگي ڪيس جي فرار جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه دعا منگي اغوا ڪيس جي مُک جوابدار ذوهيب قريشي جي پوليس حراست مان فرار ٿيڻ جو سخت نوٽيس وٺندي لاڳاپيل پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ هاءِ پروفائيل پوليس پارٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي.

سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته جوابدار زوهيب علي ولد ممتاز علي قريشي کي چئن ٻين ڏوهارين سان گڏ فيروز آباد پوليس جي هڪ مقدمي هيٺ 27 جنوري 2022 تي جوڊيشل مئجسٽريٽ VII اوڀر جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو، جوابدار کي ايندڙ ٻڌڻي جي تاريخ ملي وئي ۽ هيڊ ڪانسٽيبل نويد ۽ ڪانسٽيبل ظفر حبيب کيس واپس جيل وٺي ويا.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار، هيڊ ڪانسٽيبل نويد جي سهڪار سان طارق روڊ تان جوتا خريد ڪرڻ لاءِ پرائيويٽ گاڏي استعمال ڪئي ۽ هيڊ ڪانسٽيبل جي لاپرواهي سبب ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيو.

واضح رهي ته جوابدار زوهيب قريشي خلاف ايف آءِ آر نمبر 207/18, u/s392/34 PPC تحت 392/34 ۾ 3 سال سخت پورهئي ۽ 20 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي آهي، زوهيب خلاف ڊسمبر 2019ع ۾ اغوا ڪيس سميت ٻين 9 ڪيسن ۾ ٽرائل هلي رهيو آهي.

سنڌ جي وڏي وزير جي هدايت تي سنڌ پوليس زوهيب قريشي جي پوليس حراست مان فرار ٿيڻ جو ڪيس (ايف آءِ آر نمبر 48/2022) داخل ڪيو آهي ۽ ڪوارٽر گارڊ/لاڪ اپ هيڊ ڪانسٽيبل نويد ۽ ڪانسٽيبل ظفر حبيب ۽ ايس پي ڪورٽ پوليس اعظم دراني کي معطل ڪري ڇڏيو.

سنڌ جي وڏي وزير جي هدايت تي زوهيب قريشي کي جيل جي سلاخن اندر آڻڻ لاءِ ڊي آءِ جي ايسٽ ۽ سي آءِ اي جي اهلڪارن تي ٻڌل پوليس پارٽي جوڙي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.