لاهور (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسن کي نظر ۾ رکندي تعليمي ادارن جي حوالي سان انتهائي اهم اعلان سامهون اچي ويو.
پنجاب جي تعليم واري وزير مراد راس ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ تعليمي ادارن جي حوالي سان نيون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ مراد راس چيو ته لاهور ۽ راولپنڊي ۾ پهرين کان ڇهين درجي تائين 50 سيڪڙو شاگردن سان ڪلاسون هلايون وڃن.
سندس چوڻ هو ته ڪلاس ون کان 6 تائين 50 سيڪڙو شاگرد گهرايا وڃن، جڏهن ته باقي ڪلاسون شيڊيول موجب ٿينديون.