ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) متحده قومي موومينٽ ( ايم ڪيو ايم ) پاڪستان سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي.
ايم ڪيو ايم پاران درخواست محفوظ يار خان ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر محمد اقبال سول لائنز ٿاڻي ۾ جمع ڪرائي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته وڏي وزير خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو وڃي.
درخواست موجب مراد علي شاهه جي حڪمن تي پوليس اهلڪارن احتجاج ڪندڙن تي تشدد ڪيو ۽ پوليس جي تشدد ۾ 4 عورتن سميت 5 اسيمبلي ميمبرز به زخمي ٿيا.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پوليس جي تشدد ۾ هڪ ڪارڪن محمد اسلم حياتي وڃائي ويٺو.