واٽس ايپ ٽن شاندار فيچرز تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو

سان فرانسسڪو (ويب ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ مشهور ميسيجنگ اپليڪيشن واٽس ايپ ٽن نون ۽ شاندار فيچرز تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب ڪمپني پنهنجي واهپيدارن جي سهولت لاءِ نون آپشنز يا فيچزر جي آزمائش شروع ڪري ڇڏي آهي، جيڪي پهرين مرحلي ۾ بيٽا ورجن وارا واهپيدار استعمال ڪري سگھندا.

خاص نمبرن تي ”لاسٽ سين“ بند ڪرڻ جو آپشن

واٽس ايپ ۾ لاسٽ سين جو آپشن استعمال ڪرڻ سان واٽس ايپ ڪانٽيڪٽ ۾ موجود سڀني ماڻهن کي اها خبر ناهي پوندي ته واهپيدار ڪڏهن آف لائين ٿيو يا آخري ڀيرو ڪڏهن آن لائين ٿيو، پر هاڻ اهڙي فيچر تي ڪم ٿي رهيو آهي جنهن تحت اوهان پنهنجي مرضي جي خاص نمبرن لاءِ ان آپشن کي کولي سگهندا.

واٽس ايپ پيغامن تي ايموجيز جو ري ايڪشن

جيئن فيس بڪ پوسٽ يا ڪنهن ڪمينٽ تي ايموجيز جو ري ايڪشن هوندو آهي ائين ئي هاڻ واٽس ايپ واهپيدارن کي به اها سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي جنهن تحت هو پيغامن تي ري ايڪشن (رد عمل) ڏئي سگھندا.

واٽس ايپ تي انسٽاگرام ريلز

واٽس ايپ واهپيدار مستقبل ۾ واٽس ايپ تي سڌي ريت انسٽاگرام جا ريلز ڏسي سگھندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.