پشاور زلمي، ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ 7 جي ٻي ميچ ۾ پشاور زلمي ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ پشاور زلمي جي ٽيم ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز خلاف ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ جو فيصلو ڪيو.

دعوت ملڻ تي پهريان کيڏندي ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز مقرر اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 190 رنسون ٺاهيون.

ول سميڊ 97 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ۽ 3 رنسن جي فرق سان سينچري کان محروم رهيو، جڏهن ته احسن علي 73 رنسن جي زبردست اننگز کيڏي.

پشاور جي ثمين گل ۽ عثما قادر 2-2 وڪيٽون ورتيون.

جواب ۾ پشاور زلمي حسين طلعت ۽ شعيب ملڪ جي شاندار بيٽنگ جي مدد سان گهربل هدف 2 بال اڳ ۾ حاصل ڪري ورتو.

حسين طلعت 52 رنسن جي اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته شعيب ملڪ 48 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.