جنگ نٿا چاهيون پر مفادن تي سوديبازي نه ڪنداسين: روس

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس چيو آهي ته جنگ نٿا چاهيون پر مفادن تي سوديبازي نه ڪنداسين.

روس جي پرڏيهي وزير سير گئي لاوروف چيو آهي ته ماسڪو جنگ نٿو چاهي پر ان ڳالهه جي اجازت به نه ڏني ويندي ته هن جي مفادن تي ڪا سوديبازي ٿي.

اولهه ملڪن جو چوڻ روس يوڪرين جي سرحد تي هڪ لک جي لڳ ڀڳ اسلحي سان گڏ هڪ لک فوجي مقرر ڪيا آهن ۽ هو پاڙيسري ملڪ تي حملي جي تيارين ۾ آهي.

پر لاوروف جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ان ڳالهه جو دارومدار روس تي آهي ته جنگ نه ٿئي ته اها نه ٿيندي.

سندس چوڻ هو ته روسي مفادن کي نظرانداز نٿو ڪري سگھجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.