بدين: آمريڪي ڊاڪٽرن پاران انڊس اسپتال جو دورو، ايمرجنسي کي منهن ڏيڻ لاءِ تربيت ڏني وئي

ڊي ايڇ ڪيو اسپتال بدين ۾ انڊس اسپتال، هيلٿ نيٽ ورڪ پاڪستان ۽ آمريڪن يونيورسٽي ايمري گريڊي ميموريل اسپتال ايٽلانٽا جي سهڪار سان ڊاڪٽرن ۽ نرسن کي ايمرجنسي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تربيت ڏني وئي.

ڊاڪٽر انا يافي، ڊاڪٽر اسٽيفني بزبي، ۽ ڊاڪٽر ايميلي رسل حادثي جي شعبي سان واسطو رکندڙ ڊاڪٽرن ۽ لاڳاپيل عملي کي ايمرجنسي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ هنگامي صورتحال ۾ مريضن جي زندگي بچائڻ لاءِ شروعاتي طبي امداد ڏيڻ ۽ جديد طريقن سان علاج ڪرڻ جي تربيت جي حوالي سان کي آگاهي ڏني جڏهن ته حادثي ۾ مريضن جي زندگي بچائڻ لاءِ مصنوعي/ آپريشن جون مشقون به ڪرايون ويون.

ان موقعي تي انڊس اسپتال هيلٿ نيٽ ورڪ جي حادثي واري شعبي جي سربراهه ڊاڪٽر غضنفر سليم، ڊاڪٽر آفتاب، ڊاڪٽر سنتوش ڪمار ۽ ٻين جو چوڻ هو ته مريضن جي زندگي بچائڻ لاءِ ڊاڪٽرن ۽ عملي کي اهو علم هئڻ ضروري آهي ته جلد ۽ مناسب ڪارروائي سان ئي زندگي کي بچائي سگهجي ٿو، هن قسم جا تربيتي پروگرام ڊاڪٽرن جي مهارت لاءِ وڏا فائديمند ثابت ٿيندا.

تربيتي پروگرام جي ختم ٿيڻ کانپوءِ پرڏيهي  ڊاڪٽرن پاران حادثي جي شعبي جي ڊاڪٽرن کي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا جڏهن ته  فيڪلٽي چيئرڊ انڊس اسپتال بدين ڊاڪٽر سنتوش ڪمار پاران مهمان ڊاڪٽرن اجرڪن جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.