شهدادڪوٽ: سنڌ سيڪيولر اسٽڊي فورم پاران” شھيد صوفي شاهه عنايت ڪانفرنس” ڪوٺائي وئي

شھدادڪوٽ ۾ سنڌ سيڪيولر اسٽڊي فورم پاران صوفي شاهه عنايت شهيد جي شھادت ڏھاڙي جي حوالي سان "سوشلسٽ شھيد صوفي شاهه عنايت ڪانفرنس” ڪوٺائي وئي جنهن ۾ مختلف سياسي، سماجي، تنظيمن جي اڳواڻن، شھرين ۽ عورتن شرڪت ڪئي.

ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي پاڪستان ٽريڊ يونين ڊفينس ڪمپين جي صوبائي صدر انور پنھور، سنڌ سيڪيولر اسٽڊي فورم جي صدر ۽ پورهيت اڳواڻ ڪامريڊ عرس سيلرو، جهوني سياسي اڳواڻ فضل حيدري ۽ ٻين جو چوڻ هو ته صوفي شاهه عنايت شهيد 3 صديون اڳ جو کيڙي سو کائي جو فڪر ڏيڻ سان گڏ اُن نظرئي تي عمل به ڪرايو. سندس ھارين لاءِ جوڙيل پنچائت ڪمال جي ھئي. ھن ھارين سان ٿيندڙ ظلمن خلاف آواز اٿاريندي جاگيردارن جي ذاتي ملڪيتن تي ھارين جي حق وارو عظيم فڪر ڏنو.

هنن چيو ته صوفي شاهه عنايت شهيد جي ھارين لاءِ ڏنل فلسفي وڏو اُتساھه ڏنو جنهن ذريعي شعور ۽ جدوجهد ۾ اضافو ٿيو. پورھيتن ۽ ھارين لاءِ اسان سڀني کي گڏجي جدوجهد ڪرڻ گهرجي جيڪا انقلاب آڻي سگهي ٿي.مزدور ۽ ھاري جي اھميت ھر دور ۾ اڳڀري رهي آهي جن جي اتحاد سان ئي ماضيءَ ۾ انقلاب ممڪن ٿيو. ٻي پاسي تقريب ۾ گل محمد غيباڻو، عبدالفتاح مگسي، عبدالوھاب بوجاڻي ۽ ٻين سگهڙن انقلابي شاعري پيش ڪري واھه واھه ڪرائي ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.