نوشهرو فيروز: سولنگي برادري جو ڳوٺاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو

6 مهينا اڳ قتل ڪيل ڳوٺاڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ نوشهري فيروز ۾ سولنگي برادري جي عورتن ۽ مردن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

محبت ديري ڀرسان ڳوٺ گوندل خان سولنگي جي رهواسي سولنگي برادري جي عورتن ۽ مردن امام بخش سولنگي، رسول بخش ۽ جي ٻين اڳواڻي ۾ پاڪ ڪتاب کڻي نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته مقتول اختيار سولنگي شاھجھان چھواڻ جي ڪيس جو مک شاھد ھو جنهن جي ڪري کيس گم ڪرڻ بعد قتل ڪري لاش گولاڙچي ضلعي ۾ اڇلايو ويو هو.

هنن چيو ته ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس جوابدارن وڏيري غفار ڏهراج، جان شير ۽ ٻين کي گرفتار ڪرڻ بدران اسان مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪري گھرن تي چڙهايون ڪري عورتن ۽ ٻارن کي تشدد جو نشانو بڻايو آهي.

احتجاج ڪندڙن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اختيار سولنگي جي قاتلن کي گرفتار ڪري تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.