گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جهڙي ڪا هڪ اسپتال ڏيکاريو: بلاول جو چئلينج

 

خيرپور (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس گمبٽ جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه حڪومتن کي چئلينج ڏئي ڇڏيو.

بلاول ڀٽو زرداري گمبٽ اسپتال خيرپور ۾ ريپڊ سپانس سينٽر، نيوڪليئر ميڊيسن، ڪينسر ڪيئر اينڊ ريسرچ سينٽر ۽ سينٽر آف هيماٽولاجي اينڊ بون ميرو ٽرانسپلانٽ جي شعبن جو افتتاح ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي 550 ڪامياب جگر جي مفت پيوندڪاري جي خوشي ۾ ڪيڪ به ڪاٽيو ويو.

ان موقعي تي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پنجاب، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه جا ماڻهو به گمبٽ اچي ٽرانسپلانٽ ڪرائي رهيا آهن.

هن چئلينج ڪيو ته پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ ڪو هڪ تعلقو اهڙو ٻڌايو، جتي ڪينسر، گڙدي ۽ جگر جو مفت علاج ٿيندو هجي، گمبٽ انسٽيٽوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جهڙي ٻي ڪا اسپتال ناهي، جتي جگر، گڙدي، بون ميرو ۽ ڪينسر جو مفت علاج ٿيندو هجي.

پ پ چيئرمين وفاقي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته پ پ جي وسيلا صحت ڪارڊ جو نالو تبديل ڪري صحت انصاف ڪارڊ رکيو ويو آهي، نقل لاءِ به عقل جي ضرورت هوندي آهي.

سندس چوڻ هو ته سليڪٽڊ حڪومت صحت جي شعبي کي بهتر طريقي سان هلائي سگهي ٿي، جيڪڏهن ڪجهه رقم غريبن کي ڏني وڃي ۽ باقي سرڪاري اسپتالن جي بجيٽ ۾ استعمال ڪئي وڃي، موجوده هيلٿ ڪارڊ حقيقت ۾ صحت جي بجيٽ تي ڌاڙو آهي، ڇو ته اها رقم پرائيويٽ انشورنس ڪمپنين کي ملندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.