پاڪستان ۾ سون تيزيءَ سان سستو ٿيڻ لڳو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون اگهن ۾ اڄ به وڏي گهٽتائي سامهون اچي وئي.

عالمي مارڪيٽ ۽ پاڪستان ۾ سون تيزيءَ سان گهٽجڻ لڳو آهي ۽ سون اگهن ۾ مسلسل لاٿ سامهون اچي رهي آهي.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب 450 رپيا لاٿ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 26 هزار 150 رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 386 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 8 هزار 153 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 28 ڊالر گهٽجڻ سان 1784 ڊالر في اونس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.