دادو: عصمت آپگهات ڪيس: جوابدار 5 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي

نوابشاهه ميڊيڪل ڪاليج جي 4 سال جي شاگردياڻي عصمت طور جي مبينا آپگهات واقعي جي ڪيس ۾ ڄاڻايل مک جوابدار شمن سولنگي کي اڄ دادو پوليس سيڪنڊ سول جج فرمان علي تڳڙ جي عدالت ۾ پيش ڪيو.

عدالت پاران جوابدار کي 5 ڏينهن جو رمانڊ ڏنو ويو آهي ۽ جوابدار شمن سولنگي کي دادو جي اي سيڪشن پوليس حوالي ڪيو ويو  جڏهن ته شاگردياڻي عصمت طور جا وارثن عدالت نه پهتا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.