سينيٽ اسٽيٽ بئنڪ ترميمي بل منظور ڪري ورتو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ اسٽيٽ بئنڪ ترميمي بل منظور ڪري ورتو.

سينيٽ جو اجلاس چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ترميمي بل تي راءِ شماري ڪرائي وئي، جنهن دوران بل جي حق ۾ 43 ۽ مخالفت ۾ 42 ووٽ پيا.

سينيٽ چيئرمين به بل پيش ڪرڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو، اي اين پي جو عمر فاروق ڪانسي بل جي منظوري وقت ايوان مان نڪري ويو، جڏهن ته دلاور خان حڪومت کي ووٽ ڏنو.

بل تي راءِ شماري وقت سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ يوسف رضا گيلاني ايوان مان غير حاضر رهيو.

راءِ شماري کانپوءِ سينيٽ اسٽيٽ بئنڪ ترميمي بل منظور ڪري ورتو، جنهن کانپوءِ سينيٽ جو اجلاس سومر تائين ملتوي ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.