روس ايندڙ مهيني يوڪرين تي حملو ڪري سگھي ٿو: آمريڪي صدر

ڪيف (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر چيو آهي ته روس ايندڙ مهيني يوڪرين تي حملو ڪري سگھي ٿو.

آمريڪي صدر جوبائيڊن يوڪرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي.

پنهنجي يوڪرائني هم منصب وولودو مير زيلينسڪي سان ٽيلي فونڪ ڳالهه ٻولهه دوران آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو ته جيڪڏهن روس يوڪرين تي حملو ڪيو ته ان جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.

هن چيو ته اهڙو امڪان آهي ته روس ايندڙ مهيني يوڪرين ۾ هڪ نئين ڪارروائي ڪري سگھجي ٿو. پر ڪريملن اهڙن الزامن کي رد ڪري ٿو. ڪريملن جو چوڻ آهي ته حقيقت ۾ آمريڪا ۽ نيٽو اهو بهانو ڪري اوڀر يورپي سرحدن تي عسڪري سرگرميون وڌائڻ چاهي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.