چمڪندڙ جلد لاءِ نارنگي جي کَل ڪيتري فائديمند آهي؟

سياري جي مندي ايندي ئي جتي ٻيا ميوا سامهون ايندا آهن اتي ئي نارنگي جي خوشبو به هوا کي مهڪائي ڇڏيندي آهي، وٽامن سي سان ڀرپور ان ميوي جي کل ۾ به ڪيترائي فائدا لڪل آهن.

ماهرن جو مڃڻ آهي ته جيڪڏهن اوهان روز هڪ نارنگي کائو ته اوهان مختلف بيمارين کان بچڻ سان گڏوگڏ صحتمند به رهندا پر اسان اوهان کي ٻڌايون ٿا ته ان جي کل ۾ ڪيترا فائدا لڪل آهن.

جن کي پڙهڻ کان پوءِ هاڻ اوهان ان ميوي جي کلن کي نه رڳو سنڀالي رکندا پر ان مان فائدا به حاصل ڪندا.

ماهرن جو چوڻ آهي ته نارنگي جو کلون رڳو چهري جي خوبصورتي لاءِ ئي ناهن پر سياري ۾ جسم کي گرمائش پهچائڻ لاءِ قهوي جي صورت ۾ به استعمال ڪري سگھو ٿا.

جنهن جو طريقو اهو آهي ته هڪ انچ جو ادرڪ جو ٽڪرو ، اوترو ئي ٽڪرو دار چيني جو ۽ هڪ يا ٻه عدد لونگ انهن ٽنهي شين سان گڏ هڪ نارنگي جو مڪمل ٽڪري جا ننڍا ننڍا ذرڙا ڪري انهن کي اُٻاري وٺو.

رات جو سمهڻ کان اڳ ان قهوي کي پي وٺو اوهان جو نزلو، کنگهه، بخار سڀ ختم ٿي ويندو جڏهن ته اوهان جي قوت مدافعت به وڌندي.

چهري جي جلد لاءِ فائديمند

نارنگي جي کلن کي اُس تي سڪائي ان کي پيسي وٺو جنهن کان پوءِ اهو پائوڊر جي صورت اختيار ڪري وٺندو، هاڻ ان سان روزانو چهري جي مساج ڪيو ائين ڪرڻ سان اوهان جي چهري جي جلد نرم ٿي ويندي ۽ سج جا شعاع به اوهان جي رنگ کي متاثر نه ڪري سگھندا.

چمڪندڙ جلد

نارنگي جي کلن جو پائوڊر پاڻي ۾ ملائي ۽ پوءِ ان ۾ ڪجهه ڦڙا ليمي جا شامل ڪريو، هاڻ ان ماسڪ کي چهري تي لڳايو ائين ڪرڻ سان اوهان جي جلد قدرتي طور تي روشن ۽ چمڪندڙ ٿي ويندي.

جلد جو انفيڪشن ختم ڪرڻ لاءِ فائديمند

جيڪڏهن اوهان جي جلد تي ڪو انفيڪشن ٿي ويو آهي ته نارنگي جي کلن جو پائوڊر ڄاڻايل حصي تي لڳايو ائين ڪرڻ سان اوهان جو انفيڪشن ختم ٿي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.