آمريڪا جي ٽيڪنالوجي ڪمپني ايپل سمارٽ واچ 8.4 جي اپ ڊيٽ جاري ڪري چارجنگ جو مسئلو حل ڪري ڇڏيو.
ميڊيا رپورٽن موجب ايپل گذريل سال سيپٽمبر ۾ سمارٽ واچ او ايس 804 متعارف ڪرائي هئي، جنهن کان پوءِ ان جي آپريٽنگ سسٽم جي اپ ڊيٽ جاري ڪئي وئي آهي.
سمارٽ واچ جي نئين آپريٽنگ سسٽم جي سيٽنگز ۾ وڃي سافٽ ويئر اپ ڊيٽ جو آپشن حاصل ڪري سگھي ٿو.
سمارٽ واچ جو آپريٽنگ سسٽم اپ ڊيٽ ڪرڻ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ 50 سيڪڙو بيٽري جو هجڻ يا ان کي چارجنگ تي لڳائي رکڻ لازمي هوندو ڇو جو گھڙي بند ٿيڻ جي صورت ۾ اپ ڊيٽ جو سمورو عمل معطل ٿي ويندو.
ايپل طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سمارٽ واچ واهپيدارن کي چارجنگ جو مسئلو هو، جنهن کي اپ ڊيٽ ۾ حل ڪيو ويو آحي.
ڪمپني ٻڌايو ته سمارٽ واچ جي سافٽ ويئر ۾ هڪ بگ (خرابي) اچي وئي هئي، جنهن سبب واهپيدارن کي چارجنگ جو مسئلو ٿي رهيو هو ۽ هو ٿرڊ پارٽي چارجر سان ان جي چارجنگ ڪري پنهنجي ضرورت پوري ڪري رهيا هئا.