ٽئي گھر هلائي رهي آهيان: عائشا عمر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا عائشا عمر چيو آهي ته هو پنهنجي آمدني مان 3 گھر هلائي رهي آهي.

سوشل ميڊيا تي اداڪارا عائشا عمر خانگي جو  ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو وائرل ٿي رهيو آهي جنهن ۾ کيس 3 گھرن جو خرچ کڻڻ بابت ڳالهائيندي ڏسي سگھجي ٿو.

عائشا عمر جو چوڻ هو ته هو ٽئي گھر هلائي رهي آهي جن مان هڪ هن جو پنهنجو گھر آهي جيڪو ڪراچي ۾ آهي.

هن چيو ته منهنجو ڪراچي وارو اپارٽمينٽ ڪرائي تي آهي ڇو جو اهو خريد ڪرڻ جي سگھه ناهي.

عائشا عمر موجب ٻيو گھر جنهن جو هوءَ خرچ برداشت ڪري رهي آهي اهو لاهور ۾ آهي جتي سندس ماءُ رهندي آهي.

سندس چوڻ هو ته لاهو رجو گھر اسان جو پنهنجو گھر آهي جيڪو ننڍو آهي ۽ ان جو خرچ کڻندي آهيان.

اداڪارا وڌيڪ ٻڌايو ته منهنجو ڀاءُ هاڻ ڊينمارڪ آهي جنهن جي آخري ٽيوشن فيس به وڃي چڪي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.