عدالت لاءِ امتحان

تازو ئي ميرن واري خيرپور جي علائقي اڇڙي ٿر ۾ شڪار لاءِ آيل عرب شڪارين پاران علائقي ۾ رهندڙ ماڻهن توڙي ماحول ۾ جيڪا ڳڻتي پيدا ٿي آهي، ان جو آواز ميڊيا جي مختلف ذريعن وٽان اچي رهيو آهي، جنهن موجب اڇڙي ٿر ۾ الڳ الڳ لڳايل شڪاري ڪئمپن جي ڪري اتان جي ماحول ۾ جيڪا بي چيني پئدا ٿي آهي، اها هر ٻئي ڏينهن وڌي رهي آهي جنهن جا جيڪي سبب ڄاڻايا پيا وڃن انهن جو ڪجهه تفصيل هيءُ آهي ته عرب شڪارين پاران اڇڙي ٿر ۾ مختلف هنڌن تي جيڪي شڪاري ڪئمپون لڳايون ويون آهن گڏوگڏ ٽرانسپورٽ جي جيڪا تيزيءَ سان اچ وڃ جاري آهي ۽ عرب شڪارين جي پروٽوڪول لاءِ جيڪا فورس گهرائي وئي آهي ۽ انهن پاران جيڪا بندوق بازي ٿي آهي، ان اڇڙي ٿر جي پرامن ماحول ۾ هڪ خوف جو جهان جوڙي ڇڏيو آهي، جنهن ماحول ۾ پکي پکڻن کان وٺي گهرو جانورن تائين توڙي عام پرامن ماڻهن جي گهرن اندر رهندڙ ٻارڙن ۽ عورتن تائين هڪ ڀوائتي صورتحال جنم ورتو آهي، جنهن عمل خلاف خيرپور جي ڪورٽ ۾ شڪارين خلاف امن بگيڙڻ ۽ ماڻهن کي عذاب ۾ مبتلا ڪرڻ خلاف هڪ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ درخواست جمع ڪرائي وئي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي، عرب شڪارين ۽ سنڌ حڪومت پاران کين پروٽوڪول لاءِ ڏنل پوليس مقامي رهواسين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ساڳي وقت هن علائقي ۾ رهندڙ ناياب نسل جي پکين ۽ جانورن جي شڪار سانگي آيل لوڌن جي بندوق بازيءَ سبب علائقي واسين جي گڏوگڏ پرامن ماحول ۾ پکين، جانورن ۽ ماڻهن جو امن وارو ماحول خراب ٿي رهيو آهي ۽ هن علائقي جو گهڻ طرفو نقصان ٿي رهيو آهي، ان ڪري شڪارين جي اچڻ تي بندش لڳائي وڃي ۽ آيل شڪارين توڙي سندن نوڪرن چاڪرن سميت اهڙن مڙني شخصن، جيڪي سندن چاڪريءَ توڙي خوشامد ۾ اڳيان اڳيان آهن انهن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي.

اهڙي عمل جي پوئواري ايڊووڪيٽ عبدالرزاق ميتلو، سنڌ عوامي فورم جو اڳواڻ رضا حسين شر ۽ ايڊووڪيٽ محمد نواز شر ڪري رهيا آهن جن چيو آهي ته هنن اهڙا سمورا ثبوت ڪورٽ آڏو پيش ڪيا آهن، جن جي آڌار تي ڪورٽ سڳوري مٿي ڄاڻايل شڪارين ۽ سندن سهڪارين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪرڻ لاءِ عدالت سڳوريءَ کي استدعا ڪئي وئي آهي.

خيرپور جي ڪورٽ جوابدارن کي حاضر ٿيڻ جو نوٽيس پڻ جاري ڪري چڪي آهي پر عرب شڪارين ۽ سندن سهڪارين مان ڪو به عدالت ۾ پيش نه ٿيو آهي، جنهن عمل تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٻيهر نوٽيس جاري ڪندي جوابدارن کي ٽين فيبروريءَ تي ٻيهر پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ملڪ توڙي سنڌ جي ماڻهن لاءِ هيءُ نوٽيس هڪ انتهائي ڏکئي امتحاني مرحلي جهڙو آهي.

ڇاڪاڻ هڪ طرف سنڌ حڪومت ۽ ان جو سهڪار عرب شڪارين کي مليل آهي، سنڌ حڪومت توڙي ملڪي حڪمران عربن جي خيراتن تي ملڪ هلائيندا رهندا آهن موقعو ملڻ تي ملڪي حڪمران سندن ڊرائيور ٿيڻ ۾ به ڪا هٻڪ محسوس نه ڪندا آهن اهڙي صورتحال ۾ هڪ ننڍي ڪورٽ سڳوريءَ پاران عرب شڪارين خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ ڏنل درخواست تي ٻڌڻي ڪندي، نوٽيس جاري ڪرڻ ڪهڙا اثر ڏيکاريندا.

بظاهر لڳي ايئن رهيو آهي، ته هڪ طرف سنڌ حڪومت آهي جنهن جي ميزبانيءَ ۾ عرب شڪاري سموري سنڌ جو امن آشتي برباد ڪري رهيا آهن، ٻئي طرف ڪورٽ سڳوري آهي جنهن هڪ سخت نوٽيس جاري ڪري عرب شڪارين ۽ سندن سهولتڪارن کي عدالت ۾ حاضر هجڻ جي هدايت ڪئي آهي.

اسان عدالت سڳوريءَ پاران سخت موقف اختيار ڪرڻ ۽ پنهنجي ملڪ توڻي ماڻهن جي تڪليف گهٽائڻ واري فيصلي توڙي نوٽيس سان گڏ آهيون ڇو ته محسوس ڪري رهيا آهيون ته عدالت سڳوريءَ پنهنجي عوام جي تڪليف کي سمجهي ورتو آهي ۽ هڪ ايماندارڻو موقف اختيار ڪندي نوٽيس جاري ڪيو آهي.

اسان هن وقت اهو به محسوس ڪري رهيا آهيون ته هي نوٽيس عدالت سڳوريءَ ۽ سنڌ حڪومت جي وچ هڪ ويڇي وجهڻ جو سبب بڻجي سگهجي ٿو جنهن ڪري امڪاني صورت اها آهي ته ڄڻ هي نوٽيس عدالت سڳوريءَ لاءِ هڪ امتحاني پيپر هجي جيڪا ان ۾ ڪيترو سيڪڙو مارڪون کڻي پاس ٿئي ٿي ڏسڻو اهو آهي، هڪ ڳالهه ته چٽي ٿي سامهون آئي آهي، ته جنهن گهڙيءَ ۾ حڪمران توڙي حڪومت پنهنجي عوام کي مليل تڪليف جو ڪوبه ازالو ڪرڻ وساري ويٺي آهي، الٽو عرب شڪارين سان اهڙي عمل ۾ شامل آهي جيڪو عمل عوام کي آزاري رهيو آهي، اهڙي وقت ۾ عدالت پاران هڪ عوام دوست، ماحول لاءِ امن پسند فيصلو ڪرڻ ۽ امن ۾ خلل وجهڻ وارن کي عدالت ۾ حاضر ٿيڻ جو نوٽيس موڪلڻ هڪ ساراهڻ جوڳو عمل آهي، ساڳي وقت عوام دوست پڻ.

عدالت سڳوريءَ جي اهڙي موقف سان هن ايڊيٽوريل معرفت اسان جو سهڪار رهندو ڇو ته اسين هر ان عمل سان گڏ به آهيون ۽ ان جا حمايتي به آهيون جيڪو عمل انسان دوست، عوام دوست ۽ امن دوست هوندو. ساڳئي وقت اسين ان ڪنهن به عمل جي خلاف آهيون جيڪو عمل سموري سنڌ کي هڪ شڪار بڻائڻ عيوض ڪن ڀوتارن، سردارن، ايم پي ايز يا ايم اين ايز کي رسائڻ وارو هجي، جيڪو عمل قبول نه ڪرڻ جهڙو آهي.

ڇو ته اسان لاءِ سڀ کان اول عوام جو مفاد اهم آهي ڪن شخص جو مفاد اهم نه آهي. اڄ جڏهن عدالت سڳوري عوام جي مفادن ۾ هڪ اهم مسئلو کڻي رهي آهي ته اسين هر طرح ان جي ساراهه ڪريون ٿا ۽ اميد ٿا ڪريون ٿا ته عدالت سڳوري پاڻمرادو اهڙا قدم کڻي عوام جي اهنجن کي گهٽائڻ ۾ مددگار ٿيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.