وچ اوڀر جي نئين صورتحال ۽ هڏڪين ۾ ورتل امريڪي سامراج

تحرير ؛ طفيل مگسي

سعودي عرب ۽ ترڪي جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن ۾ ٿيندڙ ڇڪتاڻ.سياسي مخالفت ۽ مذھبي نفرت جون پاڙون صديون پراڻيون رهيون آھن ۽ جيڪڏھن اهو چيو وڃي ته انهن ٻنهي ملڪن جي حڪمرانن جي وچ ۾ وقت به وقت ٿيڻ واري اقتدار جي کان فائدو وٺي ڪري ئي مغربي قومن عالمي افق کان مسلمانن جي اقتدار جو سدائين سدائين جي لاءِ سج لسهي ڇڏيو ته ان ۾ وڌاءُ نه ٿيندو.سلطنت عثمانيا کي پنهنجي قيام کان پهرين ڏينهن ئي عربن جي طرف کان جنهن  الزام جو سامهون رهيو .اهو هي هيو ته عثمانين خلافت کي عرب حڪمرانن سان طاقت جي زور تي جنگ ڪري کسيوآھي.جنهن جي جواب ۾ ترڪن سدائين اها وضاحت پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ”ناهل عرب حڪمرانن ئي هن کي ٻيٽ جهڙي عرب تائين عثماني سلطنت جو اقتدار حاصل ڪرڻ جي لاءِ اتسايو هو.۽ جيڪڏھن اهي ائين نه ڪن ها ته دنيا کان اسلامي سلطنت جو خاتمو ڪيتريون صديون ئي اڳ ختم ٿي وڃي ها“ ڇو ته مغربي ملڪ سعودي ۽ ترڪي جي وچ ۾ سالن کان وٺي رڪاوٽ ڇڪتاڻ کان بخوبي واقف هئا.ان ڪري اسلام دشمن قوتن عربي ۽ عجمي فرق جي اوٽ ۾ پنهنجي عالمي بالادستي قائم ڪرڻ ۾ نه صرف قائم رهيا بلڪ اڄ به مسلمانن کي ٻولي.رنگ.نسل ۽ مذھب جي بنياد تي ويڙھائي ڪري انهن کي ڏاڍ ۽ جبر جي جنڊ جي ٻن پڙن ۾ پيٺو وڃي ٿو.

ايندڙ مهيني ترڪ صدر طيب اردگان جي طرف کان سعودي عرب ڏانهن پنهنجي سرڪاري دوري جو اعلان ڪيو آھي.جيڪا هن دور جي يقينن نهايت ئي وڏي خبر آھي.خاص طور تي مسلمانن جي لاءِ اها ڳالهه نهايت بهترين عمل جي حيثيت رکي ٿي ته اهي ٻئي ملڪ عالم اسلام جا ٻه وڏا ۽ طاقتور ملڪ آھن.هڪ صدي جي ڇڪتاڻ کانپوءِ هڪ ٻئي سان گڏ ٻه طرفي سفارتي ۽ سياسي لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي لاءِ راضي ٿيا آھن.ترڪ صدر طيب اردگان اشارو ڏنو آھي ته هو هاڻي ماضي جون سموريون ڳالهيون وساري سعودي عرب سان گڏ واپار ۾ واڌارو ڪرڻ چاهي ٿو.جڏھن ته سعودي جي حامي الشرق نيوز ۽ ٻين عرب ميڊيا وارن ادارن اردگان جي سعودي عرب راهي ٿيڻ جي اعلان واري وڊيو کي چٽي نموني پنهنجي آفيشل سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي به شيئر ڪيو آھي.مسلم دنيا ۾ وائرل ٿيڻ واري ان وڊيو ۾ صحافي اردگان کان ترڪي ۾ سعودي عرب کان ٿيڻ واري برآمدات ۾ کوٽ جي متعلق سوال ڪندي نظر اچي رهيا آھن.جنهن جي جواب ۾ ترڪ صدر اردگان چيو ته“سعودي حاڪم منهنجو انتظار ڪري رهيا آھن۽ اھي اميد پيا ڪن ته مان سعودي عرب اچان. مان ايندڙ مهيني فيبروري ۾ سعودي عرب ويندس“ حيران ڪندڙ ڳالهه اها آھي ته هينئر تائين سعودي عرب ترڪ صدر اردگان جي دوري جي حوالي سان ڪو سرڪاري بيان جاري ناهي ڪيو.ليڪن ان جي باوجود سعودي عرب جي ميڊيا طيب اردگان جي اعلان کي ڇٽي ڪوريج ڏني رهي آھي.

سعودي عرب جي ميڊيا اردگان جي اعلان تي ادارتي نوٽ، تجزيا ۽ ڪالمز پڻ ڇاپيا آھن.جڏھن ته سوشل ميڊيا تي به عوام جي ترڪ صدر جي دوري تي خوشي جو اظھار ڪندي دلچسپ تجزيا.ٽوئٽس به ڪري رهي آھي.مثال جي طور تي سعودي عرب جي سياسي مبصر ترڪي الفيصل الرشيد پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو آھي ته ”اسان جي قيادت جي ڊانشمندي ۽ بهتر سوچ جي سبب کان ڪافي شيون ھاڻي تيزي سان اسان جي حق ۾ ٿي رهيون آھن.  جيڪو هنن جي لاءِ بهترين موقعو آھي.“

عرب ميڊيا پنهنجن ذريعن کان هي خبر پڻ ڏني آھي ته ترڪ صدر اردگان ايندڙ مهيني سعودي عرب کانسواءِ متحده عرب امارات جو دورو ڪرڻ جو پڻ پڪو په ڪيو آھي. اصل ۾ اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي وڃڻ کانپوءِ جوبائيڊن جي آمريڪي صدر بڻجي وڃڻ کانپوءِ هينئر تائين وچ اوڀر ۾ ڪافي هنگاما ٿي چڪا آھن. خاص طور تي افغانستان کان امريڪي فوج جي شرمناڪ واپسي کانپوءِ دفاعي لحاظ کان آمريڪا تي دارمدار ڪرڻ وارا عرب حڪمران به هينئر اهو سوچڻ تي مجبور ٿي چڪا آھن ته جيڪڏھن سڀاڻي ڪنهن نازڪ صورتحال ۾ امريڪا سابق افغان صدر اشرف غني جيان هنن کي به اڪيلو ڇڏي ڏنو ته هنن جو ڇا ٿيندو؟ ان ڪري وچ اوڀر جا ڪافي ملڪ ويجهي مستقبل ۾ ڪنهن وڏي رياستي نقصان کان بچڻ جي لاءِ ڪنهن ٻاھرين قوت تي دارمدار رکڻ واري پاليسي کي ڇڏي ڪري پنهنجو پاڻ ۾ تڪرار ۽ دشمنون ختم.ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪري رهيون آھن.يقينن ترڪ صدر طيب اردگان جو سعودي عرب وارو دورو انهيء خاص سلسلي جي هڪ ڪڙي آھي.جڏھن ته ڪجهه مهينن کان سعودي عرب ۽ ايران جي اعلي قيادت جي وچ ۾ به ڳالهيون هلندڙآھن ۽ ان حوالي کان ئي نومبر ۾ ابوظھبي ولي عهد اسنبول ويو هو.۽ ھيئر ترڪ صدر اردگان سعودي عرب جي دوري جو اعلان ڪري سڄي دنيا کي هڪ نئين خوشخبري ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي.

ڇاڪاڻ ته وچ اوڀر جي هر حڪمران گذريل 3 کان 4 ڏھاڪن ۾ دوستن جهڙن دشمنن يعني غيرن جون ايتريون ته بي واجبيون ۽ جفائون ڀوڳيون آھن ته هينئر انهن سڀني ۾ اھوئي احساس وڏي تيزي سان جاڳي پيو آھي ته ”پنهنجا نيٺ پنهنجا هوندا آھن“ ان راز کي حاصل ڪرڻ کانپوءِ ئي ته سمورا عرب ملڪ هڪ ٻئي جي وچ ۾ رڪاوٽ بڻيل صدين جي پراڻي نفرت ۽ جهڳڙن وارين ڀتين کي ڪيرائي پاڻ ۾ کيرکنڊ ٿيڻ جي لاءِ ويهجا ٿيندي ڏيک ڏئي رهيا آھن.۽ امريڪا سان گڏ سفارتي، سياسي ۽ دفاعي لاڳاپن جي حوالي سان جيڪا بي اعتمادي جي جهلڪ هن وقت وچ اوڀر ۾ ڏٺي پئي وڃي ان جو مثال شايد ئي ماضي ۾ ڪنهن کي ڳولهڻ سان به نه ملي سگهي.هونئن به مغربي ايشيا هينئر امريڪا جي حڪمت عملي کان ٻاھر ٿي چڪو آھي.۽ امريڪي صدر جوزف بائيڊن جو سمورو ڌيان انڊو پيسفڪ واري پرڳڻي تي کتل آھي.

امريڪا جي اها پرڏيهي پاليسي مستقبل ۾ چين جي لاءِ ڪنهن قدر نقصان جو سبب ٿيندي.وقت کان اڳ ان جي باري ۾ ڪجهه به چئي نٿو سگهجي. پر هڪ ڳالهه يقين سان ضرور چئي سگهجي ٿي ته بائيڊن انتظاميا جي سياسي پاليسين وچ اوڀر ۾ امريڪي مفادن کي ضرور شديد خطري سان ڀري ڇڏيو آھي.امريڪي صدر جوزف بائيڊن جو پنهنجن بيانن ۾ بار بار اهو چوڻ ته ” امريڪا جو اصل نشانو چين آھي“سڄي دنيا ۾ خاص طور تي وچ اوڀر ۾ اهو مطلب ۽ معني ڪڍي پئي وڃي ته هينئر امريڪا جي ملڪن کي به پنهنجن سياسي ۽ دفاعي مفادن جو تحفظ پاڻ ڪرڻو پوندو ۽ اھو نار ملڪن جو تحفظ نه هئڻ وارو احساس ئي آھي ته سعودي عرب پاڻ ايران سان ڳالهيون ڪري رهيو آھي. يواي ئي جي اعلي قيادت پاڻ ترڪي وڃي رهي آھي.قطر ۽ سعودي عرب جون محبتون ڏينهون ڏينهن وڌي رهيون آھن.جيڪڏھن وچ اوڀر جي اهم ترين ملڪن ۾ سفارتڪاري انهيء رستي تي راهي رهي ته نٿو چئي سگهجي ته دنيا تمام.ستت عرب ليگ جي طرز تي هڪ نئون عالمي بلاڪ جوڙيندي ڏسي.ڪيتري نه عجيب ڳالھ آھي ته اهو وچ اوڀر جيڪو ڪاله تائين امريڪا جي هڪ رياست جي طور تي ڏيک ڏيندو هو.اڄڪلھ اتي روسي صدر پيوٽن ۽ چيني صدر شي چن جو سڪو هلي پيو.

2020ع جي پڇاڙي تائين سعودي عرب ترڪي ۾ ٺھيل ڪافي شين جي بائيڪاٽ جي پيروي ڪري رهيو هو.نه صرف اهو بلڪ سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات اردگان ۽ سندس ”جسٽس اينڊ ڊيلوپمينٽ پارٽي“ تي اخوان المسلمين سان تعلقات جا به الزام مڙھي رهيا هئا.جڏھن ته ترڪي جي قطر سان گڏ ڪيترن ڪاين تي ڏي وٺ به جاري هئي.۽ اھا ڏي وٺ 2017 ع ۽ 20121ع جي وچ ۾ سعودي، مصر، متحده عرب امارات ۽ بحرين جي لاءِ شديد پريشاني جو سبب بڻجي رهي هئي . ايستائين ته 2018ع ۾ استنبول ۾ سعودي ڪونسل خاني ۾ سعودي صحافي جي قتل کانپوءِ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا ان قدر خراب ٿي چڪا هئا ته انهيء عرصي ۾ سعودي حڪومت پنهنجين شھرين کي ترڪي نه وڃڻ ۽ اتان جي ٺھيل شين جي استعمال کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.ليڪن پوءِ امريڪي صدر بائيڊن جي اقتدار ۾ اچڻ سان گڏ ئي وچ اوڀر بدليل بدليل نظر اچڻ شروع ٿي ويوآھي. ان تبديلي جي شروعات ان وقت ٿي هئي جڏھن گذريل سال اوچتو ئي سعودي عرب ۽ ترڪي پنهنجا پنهنجا سفارتي سطح تي ڪافي قدم.کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا. جيئن ترڪ پرڏيهي وزير گذريل سال آڪٽوبر ۾ سعودي عرب جو دورو ڪيو هو. ان کانسواءِ اردگان سعودي بادشاهه سليمان بن عبدالعزيز فون تي ڳاله ٻوله ڪئي هئي.ترڪي ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ وڌندڙ محبت جي وچ ۾ سعودي عرب ۽ اردگان حڪومت ۾ ڳالھه ٻولھه جو واڌارو ڪيو.ابوظھبي جي ولي عهد ۽ متحده عرب امارات جي اصل حڪمران جي طور تي ڏسڻ واري محمد بن زيد گذريل سال نومبر ۾ ترڪي جو دورو ڪيو هو.  اهو دورو ترڪي ۽ عرب حڪومت جي سفارتي لاڳاپن ۾ بهتري جي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيو هو.

متحده عرب امارات ويجهڙائي وارن سالن ۾ ترڪي سان گڏ سرمائيڪاري جو هڪ وڏو معاهدو به ڪري ورتو شھي.ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اهو معاشي معاهدو هڪ اهڙي وقت تي ٿيو. جڏھن ترڪي جي معشيت ڪيترن ئي محاذن تي مشڪل دور کسن گذري رهي هئي. ترڪي جي ڪرنسي تاريخي سطح تي ڪمزور ٿي آھي. جيتوڻيڪ انهيءَ سبب کان يعني ملڪي برآمدات ۽ درآمدات جي فرق ۾ به ڪافي واڌارو ٿيو آھي. ياد رهي ته گذريل مهيني ترڪي جي مهانگائي جي شرح 163 سيڪڙو تي پهچي وئي .جڏھن ته 2012ع ليرا جي قيمت ۾ 44 سيڪڙو جي کوٽ اچي چڪي آھي.

مشھور ترين معاشي خبرون ڏيندڙ اداري بلومبرگ جي هڪ نئين رپورٽ جي مطابق ڊسمبر 2019ع ۾َترڪي جي سعودي عرب جي برآمدات 1.02 بلين ريال کان گھٽ ٿي ڪري 506 بلين ريال ٿي چڪي هئي يعني 95 سيڪڙو جي تاريخي کوٽ ٿي جئي.ترڪي جي شماريات جي اداري جي انهن انگن اکرن جي مطابق 2020ع ۾ ترڪي جي سعودي عرب جي برآمدات ۾ 78 سيڪڙو کوٽ واقعي ٿي آھي.سعودي عرب ۽ ترڪي جا معاشي.سيادي ۽ سفارتي تعلقات مضبوط ٿيڻ سان ٻنهي ملڪن جي معشيت ۾ زبردست بهتري جي اميد ڪري سگهجي ٿي.ڇوت اها ڳاله ٻنهي ملڪن جون قيادتون چڱيء ريت ڄاڻين ٿيون.شايد انهيء ڪري طيب اردگان ايندڙ مهيني سعودي عرب جو دورو ڪري پنهنجي پراڻن مسئلن جو قابل عمل حل ڪڍڻ چاهي ٿو.دلچسپ ڳالھ اھا آھي ته جيڪڏھن ترڪي سان گڏ سعودي عرب جا تعلقات بهتر ٿين ٿا ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جي به شروعات ٿي سگهي ٿي۽ ترڪي سعودي کي فوجي سامان مثلا ڊرون وغيره سولائي سان ميسر ڪري سگهي ٿو .جنهن جي مدد سان سعودي عرب حوثي باغين کي شڪست پڻ ڏئي سگهي ٿو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.