اڇڙي ٿر مان عرب شهزادن جو شڪاري باز غائب

نارو (ن ع آ) اڇڙي ٿر جي علائقي ڪوٽ جبو  ۾ ابوظهبي جي شاهي خاندان سان تعلق رکندڙ عرب شهزادا تلور جي شڪار لاءِ پهچي ويا. عرب  شهزادن طرفان تڪراري علائقي بلبل ڀٽ جي ڀرپاسي پوليس جي مدد سان ناياب نسل جي تلور جو شڪار زور شور سان جاري آهي جڏهن ته عرب شهزادن جي گاڏين ۾ پوليس جي ڪاهه سبب ڳوٺاڻا خوف سبب اجها ڇڏي نامعلوم هنڌ لڏپلاڻ ڪري ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته اڇڙي ٿر جي شاھ مردان شاھ ڪئمپ جي اتر واري علائقي جي تڙ نوپاٽ، تڙ گجهاهو، تڙ سيم ۽ ٻين علائقن ۾ تلور جو شڪار ڪرڻ بعد عرب شھزادا ملاڇڙي تڙ 11 نمبر ڪئمپ تي واپس موٽي ويا. ذريعن وٽان معلوم ٿيو آھي ته عرب شهزادن جي شڪار دوران تلورن کي پڪڙيندڙ باز وڏي اڏام بعد غائب ٿي ويو ۽ عرب شهزادا شڪاري  باز جي گم ٿي وڃڻ تي پريشان ٿي ويا آھن، ڊرون ڪئمرائن تي ڪافي ڳولا باوجود باز واپس موٽي نه سگهيو، ان جي ڳولا لاءِ وڌيڪ پوليس جا اٽالا پهچي ويا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.