ڪراچي(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل سرڪاري ملازمن جون پگهارون بند ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پگهارون جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 30 کان وڌيڪ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سپاهي ۽ استادن سميت ٻين گم ٿيل سرڪاري ملازمن جون پگهارون بند ڪيون ويون آهن، جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته جيستائين اها پڪ نه ٿئي ته شهري پاڻ گم ٿيا آهن يا ڪنهن اداري جي حراست ۾ آهي، تيستائين پگهارون جاري رکيون وڃن عدالت چيو ته رياست هي ڪهڙي ذميواري نڀائي رهي آهي جو ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ بدران سندن پگهارون ئي بند ڪري ڇڏيون آهن.