ڪراچي (رپورٽر): پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ ميمبر قومي اسيمبلي شازيا عطا مري چيو آهي ته گذريل ڏينهن ايم ڪيو ايم قيادت طرفان وزير اعليٰ ھائوس جو گھيرا ڪري احتجاج ڪيو ويو اھو نھايت ئي افسوس جوڳو عمل ھو . ھن واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته پرامن احتجاج سڀني جو آئيني ۽ جمهوري حق آهي. ماضي ۾ به پارٽي رياستي ادارن جي ظلمن کي منهن ڏنو پر پيپلز پارٽي ڪڏهن به آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي. ھن چيو ته ايم ڪيو ايم لاءِ بهتر هوندو ته ڪراچي جو امن هڪ ڀيرو ٻيهر خراب ڪرڻ بدران ڳالهيون ڪرڻ کي ترجيح ڏين. 03