وزيراعظم ۽ فوجي قيادت ۾ ڪو به اختلاف ناهي: شيخ رشيد

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ۽ شهزاد اڪبر وچ ۾ ناراضگي جو سبب نواز شريف جي  پرڏيهه موڪليل رقم واپس نه آڻڻ آهي، برطانوي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته ملڪ جو فائدو اهو آهي ته اسٽيبلشمينٽ ۽ عمران خان هڪ پيج تي هجن، وزيراعظم عمران خان ۽ فوجي قيادت ۾ ڪو به اختلاف ناهي ۽ فوجي قيادت فيصلو ڪيو آهي ته هو چونڊيل حڪومت سان گڏ بيٺي آهي، حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جي سوچ ۾ فرق ٿي سگھي ٿو پر ائين ناهي ته اهي هڪ پيج تي نه آهن، هن چيو ته حڪومت مان طرفان اچي ٿو ته عدالتن ۾ ڪيس کڻي وڃڻ وقت مناسب تياري نه ڪئي وئي هئي، چورن، ڌاڙيلن، ڪرپٽ ۽ بد ديانت ماڻهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ عمران خان کي ووٽ مليا، احتساب عمران خان جو سڀ کان وڏو نعرو هو پر اسان کي اها ڪاميابي نه ملي جيڪا ملڻ گهرجي ها، برطانيا سان قيدين جي مٽاسٽا بابت گهرو وزير چيو ته برطانيا ۾ رهندڙ جوابدارن ۽ ڏوهارين کي واپس آڻڻ لاءِ معاهدي جي ڪوشش ٿي رهي آهي، حڪومت نواز شريف کي واپس آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، اسان نواز شريف کي پاڻ موڪليو اها اسان جي غلطي آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ گهرو وزير چيو ته پاڪستان وٽ دهشتگردن سان وڙهڻ ۽ معلومات گڏ ڪرڻ جو تمام سٺو نظام آهي، خدشو آهي ته ملڪ ۾ دهشتگردي جا واقعا ٻن مهينن تائين وڌندا پر دهشتگردي جي هن تازي لهر تي ضابطو اچي ويندو، پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان سان جنگ بندي ختم ٿيڻ جي حوالي سان شيخ رشيد جو چوڻ هو ته تحريڪ طالبان پاڪستان ۾ سزا ڪاٽيندڙ قيدين جي آزادي جو مطالبو ڪري رهي هئي، اهڙن خطرناڪ قيدين جي آزادي ممڪن ناهي، ان ڪري ٽي ٽي پي جا مطالبا نٿا مڃي سگهون، هن چيو ته اسان ٽي ٽي پي کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ ۽ قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ ڪئي پر ٽي ٽي پي جنگبندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.