سنڌ کي منصوبه بندي سان لسانيت طرف ڌڪيو پيو وڃي: فضل الرحمان

اسلام آباد (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته لڳي ٿو ته سنڌ کي باقاعده منصوبه بندي سان لسانيت  طرف ڌڪيو پيو وڃي، گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪارڪنن مٿان پوليس تشدد جي معاملي تي مولانا فضل الرحمان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڊپٽي ڪنوينر عامر خان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو، مولانا فضل الرحمان عامر خان کان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪارڪن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ۽ مظاهرين مٿان پوليس تشدد جي به مذمت ڪئي. ان موقعي تي مولانا فضل الرحمان چيو ته لڳي ٿو ته سنڌ کي باقاعده منصوبه بندي سان لسانيت طرف ڌڪيو پيو وڃي. معاملن کي جمهوري طريقي سان حل ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.