اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن لاءِ اي وي ايم ڏيڻ کان معذرت

اسلام آباد (م ڊ) سائنس واري وزارت اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن لاءِ اليڪٽرانڪ  ووٽنگ مشين (اي وي ايم) ڏيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي، ذريعن موجب سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت اليڪشن ڪميشن کي خط ۾ جواب ڏئي ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سائنس واري وزارت پاڻ مشين تيار نٿي ڪري سگھي، جيڪا مشين ماڊل طور ڏيکاري وئي هئي اها پرائيويٽ ڪمپني جي تيار ڪيل هئي، سائسن واري وزارت جي ذريعن ٻڌايو ته وزارت پاران اڃا تائين ڪا مشين خريد ناهي ڪئي، خط ۾ وزارت پاران وضاحت ڪئي وئي ته مشينن جا پيپر قانون تحت خريدڻ اليڪشن ڪميشن جو استحقاق آهي، سائنس واري وزارت چيو ته اليڪشن ڪميشن لاڳاپيل قانون تحت اليڪٽران ووٽنگ مشين جي خريداري وارو عمل ڪري، ان سلسلي ۾ وزارت اليڪشن ڪميشن واري کي قانوني مدد به فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، خط ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن اي وي ايم پروجيڪٽ لاءِ پي سي ايس آءِ آر ۾ جاءِ ڏني ويندي، ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن پرائيويٽ ڪمپنين کان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين خريداري تي خدشن جو اظهار ڪيو هو ۽ اليڪشن ڪميشن اسلام آباد مڪاني چونڊن لاءِ 3900 مشينون گھريون آهن.

  • اين سي او سي ڪورونا پابندين ۾ 15 فيبروري تائين واڌ ڪري ڇڏي

اسلام آباد( م ڊ) اين سي او سي پوري ملڪ ۾ ڪورونا پابندين ۾ 15 فيبروري تائين واڌ ڪري ڇڏي، اين سي او سي جي ذريعن موجب ملڪ ۾ ڪورونا ايس او پيز جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾فيصلو ڪيو ويو ته ڪورونا جي نئين لهر جي حوالي سان لاڳو ڪيل پابندين ۾ 15 فيبروري تائين واڌ ڪئي وڃي، اجلاس ۾فيصلو ڪيو ويو ته 10 سيڪڙو يا وڌيڪ ڪيسز وارن علائقن ۾ هر قسم جي انڊور تقريبن تي مڪمل پابندي هوندي، 10 سيڪڙو ڪيسن وارن علائقن ۾ آئوٽ ڊور تقريب ۾  300 ويڪسين ٿيل ماڻهن کي داخلا جي اجازت هوندي، اهڙي ريت 12 سالن کان وڌيڪ عمر وارن شاگردن جي مڪمل حاضري هوندي، جڏهن ته شاگردن جي لاءِ ويڪسينيشن لازمي هوندي ۽ 12 سالن کان گهٽ عمر وارا شاگرد 3 ڏينهن 50 سيڪڙو ايندا.

  • خبر ناهي ڪهڙن نامعلوم ماڻهن دڪان بند ڪرايا: گورنر

ڪراچي (م ڊ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي غلطي آهي ته ايم ڪيو ايم جي احتجاج ڪندڙن  ماڻهن سان طاقت سان منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر خبر ناهي رات دير سان ڪهڙا اڻڄاتل ماڻهو دڪان بند ڪرائي رهيا هئا، خانگي ٽي وي چينل جي هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو ته مظاهرو ڪندڙن تي لٺبازي ۽ شيلنگ ڪئي وئي، وزيراعظم کي چيو پوليس جي رويي تي ايڪشن ٿيڻ گھرجي.گھرو وزير آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪئي آهي، سنڌ جي گورنر چيو ته وفاقي حڪومت کي پنهنجو ڪردار نڀائڻو پوندو پوليس صوبائي معاملو آهي، پر کليل نٿو ڇڏي سگهجي. حڪومتن کي گھرجي ته احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ذريعي مسئلا حل ڪرڻ گھرجن. گذريل ڏينهن پوليس جيڪو رويو اختيار ڪيو اهو آخري حربو هجي ها، پر ايئن به ناهي ايم پي اي کي جهڙي طرح گھليو پيو وڃي. ڪالهه سڄي قوم ڏٺو اسان جي دور ۾ به احتجاج ٿيندا هئا، پر اهڙو رستو اختيار نه ڪيو.ڪالهه جيڪڏهن سنڌ حڪومت ڳالهيون ڪري ها ته مسئلي جو پرامن حل نڪري سگھي پيو، هن چيو ته خبر ناهي رات ڪهڙا اڻڄاتل ماڻهو دڪان بند ڪرائي رهيا هئا، بازارن جا دڪان هونءَ به رات جو 9 وڳي بند ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن، ٿي سگھي ٿو ڪجهه ماڻهن دڪان بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي هجي، پر ماضي وانگي اڻڄاتل ماڻهو ۽ هوائي فائرنگ جا واقعا پيش نه آيا، سنڌ جي گورنر وڌيڪ چيو ته هو اڄ به سمجهي ٿو ته سنڌ حڪومت جو بلدياتي ايڪٽ مناسب ناهي، وڏن شهرن سان زيادتي ٿيندي، ميئر ناڪارا ٿي ويندو، حڪومت هڪ نوٽيفڪيشن سان ميئر کان سمورا اختيار واپس وٺي سگھي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.