لاڙڪاڻو پوليس هيڊڪوارٽر ۾عورت قتل،وات تي ٽيپ ۽ کٽ سان ٻڌل لاش هٿ

لاڙڪاڻو (ڊ ر)لاڙڪاڻو پوليس هيڊڪوارٽر ۾ نامعلوم ماڻهن پيرسن عورت کي وات تي ٽيپ هڻي پلاسٽڪ سان منهن بند ڪري ڄنگهون ۽ ٻانهون کٽ سان ٻڌڻ بعد گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته نوڪرياڻي جو پڻ  پلاسٽڪ سان منهن ويڙهي باٿ روم ۾واڙيو ويو. سول لائين پوليس نوڪرياڻي کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. رپورٽ موجب لاڙڪاڻي شهر جي سول لائين ٿاڻي جي حد پوليس هيڊڪوارٽر جي گهٽي نمبر 9 ۾ هٿياربند شهيد اهلڪار عنايت الله چانڊيو جي گهر ۾ گهڙي پوليس هيڊڪوارٽر جي وڏي منشي واحد بخش جيسر ۽ شهيد اهلڪار عنايت الله جي سس 62 ورهين جي زيب النساءِ زال مرحوم محمد علي چانڊيو کي يرغمال بڻائي سندس هٿ پير کٽ سان ٻڌي وات ۾ لٽو ڏئي وڏي پلاسٽڪ سڄي منهن کي ويڙهي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته گهر ۾ موجود نوڪرياڻي گلشاد ڪلهوڙو جي به منهن تي پلاسٽڪ ڏئي باٿ روم ۾ واڙيو ويو.. واقعي جو اطلاع ملڻ تي سول لائين ٿاڻي جي پوليس ۽ فارنزڪ ٽيم پهتي، جتي فارنزڪ ٽيم گهر مان مختلف شاهديون ۽ فنگر پرنٽس هٿ ڪري ورتا.پوليس لاش اسپتال آندو ويو، جتي ليڊي ڊاڪٽر پوسٽ مارٽم ڪري جسم جا مختلف جزا وٺي ڇڏيا جڏهن ته مقتولڻ جي ڪپڙن جي ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ ليباريٽري اماڻيا ويا. پوسٽ مارٽم جي ابتدائي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته مقتولڻ کي ڏندن ۾ رت ڄميل هئي ۽ ساهه ٻوساٽجڻ جي ڪري سندس موت واقع ٿيو.ٻئي طرف نوڪرياڻي گلشاد ڪلهوڙو ميِڊيا کي ٻڌايو ته گهر ۾ ٽي ڄڻا داخل ٿيا جن زيب النساءِ سميت مون کي سوگهو ڪيو.هن ٻڌايو ته  جوابدارن هن جون اکيون ٻڌي پلاسٽڪ سان منهن بند ڪري باٿ روم ۾ بند ڪري ڇڏيو. نوڪرياڻي جي اهڙي بيان بعد پوليس نوڪرياڻي کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن ايس ايس پي سرفراز نواز شيخ پڻ جاءِ واردات جو معائنو ڪيو ۽ علائقي واسين کان واقعي جا تفصيل پڻ ورتا.مقتولڻ جي ناٺي ۽ پوليس هيڊڪوارٽر جي وڏي منشي واحد بخش جيسر رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته سس کي قتل ڪرڻ بعد جوابدار گهر مان ڏيڍ لک رپيا روڪ ۽ سونا زيور کڻي ويا. ٻئي طرف ايس ايس پي سرفراز نواز شيخ رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعو ذاتي رنجش جو ڪارڻ ٿي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته گهر هڪ ڪمري تي ٻڌل آهي، عورت جي پرس ۾ 25 هزار رپيا پيل هئا جيڪي نه کنيا ويا پر ان جي باوجود واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون تمام جلد اصل حقيقتون سامهون اچي وينديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.