فيس بوڪ پاران مفت سروس جي نالي تي ڪروڙين رپين جي اوڳاڙي

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي اخبار ”وال اسٽريٽ“  پنهنجي هڪ تازي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته ميٽا (اڳوڻي فيس بڪ) ڪمپني غريب ملڪن ۾ موبائل واهپيدارن کي پنهنجي سروسز تائين مفت پهچ ڏيڻ جي نالي تي ڪروڙين رپيا وصول ڪري رهيو آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه مقامي موبائل ڪمپنين جي ڀائيواري سان ڪيو پيو وڃي، واضح رهي ته 2013ع کان فيس بڪ غريب ۽ ترقي پذير ملڪن ۾ موبائل واهپيدارن کي سوشل ميڊيا تائين مفت پهچ لاءِ مقامي موبائل ڪمپنين سان معاهدا شروع ڪيا هئا، انهن ملڪن ۾ پاڪستان ۽ انڊونيشيا سميت ڪيترائي غريب ملڪ شامل هئا جتي موبائل آپريٽرز وڏي مفت سوشل ميڊيا جا اعلان ڪندي واهپيدارن جو ڌيان ڇڪيو هو، اها حڪمت عملي ڪامياب رهي ۽ اڄ رڳو 9 سالن کان پوءِ ئي انهن ملڪن ۾ سوشل ميڊيا واهپيدارن جو انگ گھڻو وڌي ويو آهي، موبائل نيٽ ورڪس ذريعي سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ گھڻا واهپيدار سمجهندا آهن ته اها سروس کين مفت ملي رهي آهي پر حقيقت اها آهي ته گھڻن موبائل واهپيدارن کان انهن خدمتن عيوض ”ڳجهي“ طور تي رقم وصول ڪئي پئي وڃي جيڪا گڏيل طور تي ماهوار لکين ڊالر آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.