گيهه، آئل ۽ صرف سميت عام شيون مهانگيون ڪرڻ جي تجويز

اسلام آباد (م ڊ) يوٽيلٽي اسٽورز تي مختلف شيون مهانگيون ڪرڻ جون تياريون شروع ٿي ويون آهن. حڪومت کي گيهه، آئل ۽ ڪپڙن ڌوئڻ جي صرف سميت ڪيتريون ئي ٻيون شيون مهانگيون ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، رپورٽ موجب يوٽيلٽي اسٽورز تي هڪ دفعو ٻيهر شين جون قيمتون وڌائڻ جي تجويز سامهون آئي آهي. هن ڀيري حڪومت کي مختلف برانڊز جا گيهه، ڪوڪنگ آئل، ڪپڙن ڌوئڻ جو صرف ٽوٿ پيسٽ ۽ ٻين شين جون قيمتون وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، ذريعن موجب قيمتن ۾ ڪيتري واڌ ٿيندي؟ ان تجويز کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.